ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارت سان واسطو رکندڙ سپر اسٽار مهيش بابو خطي جي سڀ کان وڏي فلم نگري بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ کي وقت جو زيان قرار ڏئي ڇڏيو.
فلم ”ميجر“ جي لانچ تي هن بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
مهيش بابو چيو ته مون کي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪيترائي ڀيرا آڇ ٿي پر مون کي نٿو لڳي ته هو مون کي ايترو معاضو ڏئي سگهن ٿا.
هن چيو ته جيتري عزت ڏکڻ ڀارت ۾ ملندي آهي، اها تمام گهڻي آهي، تنهن ڪري مان پنهنجي انڊسٽري ڇڏڻ ۽ ٻي جاءِ تي وڃڻ جو ناهي سوچيو.