لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حمائما ملڪ اڪثر پنهنجي تڪراري تصويرن ۽ وڊيوز جي ڪري تنقيد هيٺ رهندي آهي، تازو ئي هن مدرز ڊي جي حوالي سان پنهنجي ماءُ سان هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن تي پڻ مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي.
وڊيو ۾ حمائما پنهنجي ماءُ جا پير چمندي جنت جنت چئي رهي آهي، ان وڊيو کي ڏسي واهپيدارن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
View this post on Instagram
انهن جو چوڻ آهي ته هي رڳو ڏيکاءُ آهي ۽ والدين اصل زندگي ۾ عزت جا حقدار آهن ۽ حقيقي زندگي ۾ انهن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ گھرجي.
ڪنهن ان کي اوور ايڪٽنگ چيو ته ڪنهن لکيو جنت خدمت ڪرڻ سان ملندي آهي پير چمڻ سان نه.