ورهين جي انتظار کانپوءِ ”اواتار 2“ جو پهريون ٽريلر رليز

 

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) 2009 ۾ رليز ٿيل بلاڪ باسٽر بالي ووڊ فلم ”اوتار“ کي 13 سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هاڻ ان جي سيڪوئل جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

ڊائريڪٽر جيمز ڪيمرون جي ان فلم جي ٻئي حصي ”اواتار 2: دي وي آف واٽر“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

ٽريلر کي آن لائن جاري ڪيو ويو آهي ۽ ڏسڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته جيمز ڪيمرون  هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن کي دنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ان فلم جي سيڪوئل جي گهڻي ڀاڱي عڪسبندي پاڻي اندر ٿي آهي، اواتار 2 کي 16 ڊسمبر 2022 ۾ سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو ويندو، جنهن ۾ سام ورٿنگٽن، زوئي سلڊانا، گيوواني ريبيس ۽ سيگورني ويور هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر ايندا، جڏهن ته ڪيٽ ونسليٽ سميت ڪيترائي نوان اداڪار به فن جو مظاهرو ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.