اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پنجاب جي گورنر کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملا غور هيٺ آيا.
ڪابينا اجلاس ۾ صدر طرفان وزيراعظم جي سمري قبول نه ڪرڻ جي عمل کي رد ڪيو ويو.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ فواد اسد الله کي ڊي جي انٽيليجنس بيورو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين جي استعيفيٰ جي به منظوري ڏني وئي.