جيڪڏهن توهان ڪا شئي آرڊر ڪيو ۽ پارسل مان توهان جي گهربل شئي بدران ٻي ڪا شئي نڪري ته يقينن توهان کي سخت ڪاوڙ ايندي.
اهڙو ئي ڪجهه ڀارتي رياست ڪيرالا جي شهر تروواننتاپورم جي رهواسڻ پريا سان به ٿيو.
پريا 5 مئي تي مقامي هوٽل کي پراٺي جو آرڊر ڏنو پر جڏهن هن پارسل کوليو ته پراسل مان پراٺي سان گڏ نانگ جي کَل به نڪتي، جنهن کي ڏسي هوءَ اچرج ۾ پئجي وئي.
Hotel in Kerala’s Thiruvananthapuram has been temporarily shut after a customer allegedly found a part of a snake skin packed into her food. The snake skin was found in the newspaper that was used to pack the parottas, following which the food safety officials were alerted.
🤢 pic.twitter.com/WZXi30fVzd— Tushar Kant Naik ॐ♫₹ (@Tushar_KN) May 6, 2022
پوءِ پريا ۽ ان جي خاندان طرفان فوري طور تي هوٽل خلاف شڪايت داخل ڪرائي وئي، جنهن تي اختيارين ڪارروائي ڪري عارضي طور هوٽل کي بند ڪري ڇڏيو.
پوءِ اختيارين مالڪن کي مڪمل صفائي کانپوءِ هوٽل کولڻ جي اجازت ڏني.