سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد جو صدر عارف علوي سان اهم رابطو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد صدر عارف علوي سان فون تي رابطو ڪيو آهي.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڳالهه ٻولهه دوران صدر عارف علوي کي چيو ته پاڪ فوج ۽ عدليا ملڪي سلامتي جي ضمانت آهن.

عشرت العباد چيو ته صدر کي هڪ نڪاتي ايجنڊا تي سڀني سياسي جماعتن کي گڏ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، صدر اتفاق ڪيو ته ملڪي سلامتي لاءِ پاڪ فوج ۽ عدليا ضمانت آهي.

سندس چوڻ هو ته صدر هڪ نڪاتي ايجنڊا تي ڪُل جماعتي ڪانفرنس جي تجويز سان به اتفاق ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.