ڪورونا جو نئون ويرينٽ: سنڌ حڪومت اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي امڪاني نئين لهر کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت صحت کاتي ۽ گهرو کاتي کي نئين ويرينٽ جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ امڪاني ڪورونا وائرس جي نئين لهر کي ڏسندي صحت کاتي ۽ گهرو کاتي کي اهم هدايتون جاري ڪيون ويون.

سنڌ ڪابينا چيو ته ڪورونا جي نئين قسم جو جائزو وٺي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن صحت جي قومي اداري پاڪستان ۾ جينوم جي ترتيب ذريعي سب ويرينٽ جي تصديق ڪئي هئي.

اومي ڪرون جو نئون قسم سامهون اچڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.