اثاثن جي معاملي تي فرح گوگي جي ٽيڪس ايڊوائزر جو اهم بيان سامهون اچي ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) فرح شهزادي عرف فرح گوگي جي ٽيڪس ايڊوائزر ايڊووڪيٽ اسد رسول پنهنجي اصيل تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.

اسد رسول ايڊووڪيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته فرح بي بي جا سمورا معاملا عثمان بوزدار جي وڏي وزير ٿيڻ کان پهرين جا آهن، تنهن ڪري ان تي لڳايل الزام سراسر بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن.

هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ فرح بي بي جي دولت ۾ چنئوڻ تي واڌ جي ڳالهه غلط آهي، هن جي 30 جون 2018 تائين اثاثن جي ماليت 70 ڪروڙ هئي.

سندس چوڻ هو ته قانوني طور تي جيڪڏهن ڪا پڇا ڳاڇا ٿئي ٿو ته ان جو جواب ڏينداسين، ٽيڪس جي حد تائين جوابده آهيون، سياسي جواب نٿا ڏئي سگھون.

ياد رهي ته ان کان اڳ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ چيو هو ته ساڍا ٽي سال پنجاب جي عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو، جڏهن ته فرح گوگي عمران خان جي چرچ تي پنجاب ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي، عمران خان ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ذريعي فرح گوگي کي 32 ڪروڙن جو فائدو پهچايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.