ثنا ارشاد مٽو پلٽزر پرائز کٽيندڙ پهرين ڪشميري صحافڻ

ڪشمير جي 28 ورهين جي فوٽو جرنسلٽ ثنا ارشاد مٽو با وقار پلٽزر پرائز کٽيندڙ پهرين ڪشميري عورت بڻجي وئي آهي.

اهو ايوارڊ کيس روئٽرز ٽيم جي پنهنجي ٽن ٻين ساٿين سان شيئر ڪرڻو آهي.

انعامن جو اعلان آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ڪيو آهي.

ڪشميري صحافين کي ان کان اڳ به اهڙي اعزاز سان نوازيو ويو آهي پر ثنا مٽو پهرين ڪشميري عورت آهي، جن کي اهو انعام مليو آهي.

ان کان اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي ٽن فوٽو صحافين کي ڪشمير ماٿري ۾ زندگي جي حيرت انگريز تصويرن لاءِ 2020 جي پلٽزر پرائز سان نوازيو ويو هو.

هن سال ڀارت جي دانش صديقي، عدنان عابدي، اميت ديو ۽ ثنا ارشاد مٽو کي فيچر فوٽو گرافي جي زمري ۾ ان اعزاز سان نوازيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.