عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ تي عمران خان جو ردعمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان گورنر پنجاب کي عهدي تان هٽائڻ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ضروري آهي ته عدالت عظميٰ صورتحال کي نظر ۾ رکندي معاملي کي پاڻمرادو ڏسي.

هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته امپورٽڊ هٿ ٺوڪيا پنجاب ۾ آئيني ڏڦيڙ کي هٿي ڏئي رهيا آهن، گهوسٽ چونڊن ذريعي هٿ ٺوڪئي کي وڏي وزير طور صوبي تي مڙهيو ويو.

هن چيو ته سمورا دستوري تقاضي پاسي تي رکي صدر جي عهدي جي توهين ڪئي وئي آهي، گورنر پنجاب کي دستور جي تحفظ تي شرمناڪ طريقي سان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پنجاب ۾ دستور ٽوڙڻ جو خاموشي سان تماشو ڏٺو پيو وڃي.

سندس موجب لازمي آهي ته عدالت عظميٰ صورتحال کي نظر هيٺ رکي معاملي کي پاڻمرادو ڏسي، پنجاب ۾ ضمير فروشن جو معاملو به بنا دير انجام تائين پهچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.