لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف پارٽي جو هنگامي اجلاس لنڊن ۾ طلب ڪري ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف وڊيو لنڪ اجلاس جي تجويز رد ڪري ڇڏي ۽ پارٽي جي مرڪزي قيادت کي لنڊن پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي پهريون ئي لنڊن ۾ موجود آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب جو هڪ ٻن ڏينهن ۾ لنڊن رواني ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب نواز شريف کي ڪجهه معاملن تي خدشا آهن، ان لاءِ ن ليگ ڪو وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي.
ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن تي حڪمت عملي بابت به نواز شريف ۽ اسحاق ڊار سان مشاورت ٿيندي، جڏهن ته ايندڙ چونڊن، پنجاب ۾ ڪابينا ۽ پاور شيئرنگ بابت به اهم فيصلا ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پاران اجلاس طلب ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اڄ رات لنڊن روانو ٿيندو.