پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽايو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

ذريعن موجب سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڪيبنيٽ تيمور تجمل جي صحيح سان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گورنر پنجاب کي وزيراعظم جي ايڊوائس تي عهدي تان هٽايو ويو.

نوٽيفڪيشن موجب پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر وقتي گورنر جا فرض انجام ڏيندو.

پنجاب حڪومت جي ذريعن موجب گورنر پنجاب کي هٽائڻ کانپوءِ هن کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر سرفراز چيما گورنر هائوس آيو ته کيس اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ جي وزيراعظم جي ايڊوائس رد ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.