اومي ڪرون جي نئين شڪل سامهون اچڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو وڏو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اومي ڪرون وائرس جي نئين شڪل سامهون اچڻ کانپوءِ اين سي او سي کي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اومي ڪرون وائرس جي نئين قسم جي وڌندڙ ڪيسن جو نوٽيس ورتو آهي ۽ فوري طور تي ڪورونا جي خاتمي لاءِ ٺاهيل اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وزيراعظم ان معاملي تي صحت واري وزارت کان رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن صحت جي قومي اداري پاڪستان ۾ جينوم جي ترتيب ذريعي سب ويرينٽ جي تصديق ڪئي هئي.

صحت واري اداري چيو هو ته مختلف ملڪن ۾ نئين قسم جي ڪيسن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته ڪورونا جي عالمي وبا جي روڪٿام لاءِ گذريل حڪومت اين سي او سي قائم ڪيو هو، جنهن جي سربراهي اسد عمر ڪري رهيو هو پر پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح گهٽجڻ کانپوءِ اپريل ۾ ان اداري کي صحت واري وزارت ۾ ضم ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.