گهوٽڪي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ، مومل جي ماڙي ۾ آبادگارن جو احتجاج

مومل جي ماڙي ( رپورٽ : يونس ڀٽو ) گهوٽڪي ضلعي اندر پاڻي جي کوٽ خلاف ماٿيلو مومل جي ماڙي جي سياسي، سماجي اڳواڻڻ ۽ آبادگارن جو ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ، لنڊي واھ سميت ٻين واهن کي پاڻي ڏيو جا زوردار نعرا ،  ان موقعي تي مختلف سياسي  سماجي اڳواڻن ۽ آبادگارن عبيدلله ڪلادي، يونس ڀٽو ، فرمان بوزدار، اله بخش عرف جي شيخ، اسد بوزدار، ڪانڊيرو ڪلادي، عبدالحق سومرو ۽ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي ڪنگال ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، ڪڏهن کاڌ جو بحران ته ڪڏهن پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته گهوٽڪي جي سڀني واهن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگارن جا ڪروڙين رپين جا فصل سڪي رهيا آهن. پر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي،  گهوٽڪي جي واهن ۾ اگر وقت سر پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ويو ته آبادگار خودڪشون ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويندا، هنن چيو ته لنڊي واھ جي سالن کان کاٽي نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري پچڙي جا آبادگار سخت پريشان آهن، ان موقعي تي آبادگارن چيف جسٽس، سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتي کي اپيل ڪئي ته خدارا گهوٽڪي جي واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرائي آبادگارن کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.