قمبر ۾گم ڪيل نوجوان جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي ريلي

قمبر (ت ر)  قمبر ۾ نوجوان محمد عرف عرف احمد علي چانڊيو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پاڪستان فتح تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا بس اسٽينڊ کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي.ميڊيا سان ڳالهائيندي منور عباس، اعجاز احمد گاڏهي،سجاد چانڊيو ۽ خادم مارفاڻي چيو ته محمد علي عرف احمد علي چانڊيو کي رات جي اونداھي ۾ گھر مان کنڀي گم ڪيو ويو، جيڪا آئين توڙي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. ھنن چيو ته محمد علي چانڊيو غريب مسڪين پورھيت آهي، ھن جو ڪنھن به سياسي پارٽي سان واسطو نه آهي. ھنن ايس ايس پي قمبر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس محمد علي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اربع ڏينهن قمبر ۾ ڦيٿاروڪ ۽ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.