مير واهه گورچاڻي ۾ ٻارڙيءَ کي پرڻائڻ جي ڪوشش، پوليس گهوٽ ڪنوار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) مير واهه گورچاڻي جي علائقي ڀيل ڪالوني ۾ 10 ورهين جي ٻارڙيءَ  کي پرڻائڻ جي اطلاع تي ميرپور خاص وومين پوليس ڇاپو هڻي 10 ورهين جي پنڪي ڌيءُ پريم ۽ 12 ورهين جي گھوٽ منوهر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڪنوار پنڪي ۽ گھوٽ منوهر جي ماءُ پيءُ ۽ پاڙي وارن کان بيان وٺڻ ۽ بيانن ۾ پنڪي جي مڱڻي ٿيڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد وومين پوليس وارثن کي وارننگ ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. وومين پوليس حراست ۾ ورتل 10 ورهين جي پنڪي ٻڌايو ته سندس منوهر سان مڱڻي جي رسم رٿيل هئي ۽ ان سلسلي ۾ مهمان گھر آيل هئا، جنهن دوران پوليس کيس ٿاڻي تي وٺي آئي آهي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري چيو ته اسان کي اطلاع مليو هو ته 10 ورهين جي پنڪي جي 12 ورهين جي منوهر سان شادي ڪرائي پئي وڃي جنهن بنياد تي اسان پريم ڀيل جي گھر تي ڇاپو هڻي گھوٽ ڪنوار کي حفاظتي تعويل ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو، جتي ڪنوار پنڪي، گھوٽ منوهر، پنڪي جي والد پريم ۽ امڙ بيان ڏنو ته شادي نه پر مڱڻي جي رسم ادا ڪئي پئي وئي سندن شادي بالغ ٿيڻ بعد ڪئي ويندي. اهڙي بيانن بعد وارثن کي وارننگ ڏئي ۽ ننڍي عمر ۾ شادي نه ڪرائڻ جي خاطري وٺڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.