ويھڙ لڳ ڳوٺ تي چڙھائي، پوليس چوپايو مال ڪاھي وئي، گھرن کي باھه، احتجاج

ويھڙ ( ڊيسڪ رپورٽ) ويھڙ ويجھو ڳوٺ بيدي لاشاري جي رھواسين مٺور لاشاري ۽ ٻين صحافين آڏو دانھنيدي چيو آھي ته پوليس بااثرن جي چرچ تي اسان جي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري گھر ڀاتين تي تشدد ڪيو ۽ ڊاڪسنيون ڪاھي اسان جون 150 سولر پليٽون 30 مينھو ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي اسان جي سمورن گھرن کي ڊاھي پٽ ڪري باھه ڏني جنھن ۾ اسان جو سمورا سامان ۽ پاڪ ڪتاب سڙي ويا آھن، ڪجھه وقت پھريان ڪلھوڙا برادري جي ڌر سان اسان جو زمين جي معاملي تي تڪرار ھلندڙ ھو فيصلو اسان جي حق ۾ اچڻ ۽ زمين جا سمورا ڪاغذ اسان وٽ ھئڻ باوجود به جوبدار پوليس کي رشوت ڏئي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ چاھن ٿا، اسان وڏي وزير مراد علي شاھه، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ  ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته خدارا جوابدارن ۽ رشوت خور راشي پوليس وارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جو سامان ۽ چوپايو مال واپس ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.