پنوعاقل ( ن ع آ ) پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي گدپور ۾ باھ لڳڻ ڪري پنج گهر سڙي رک ٿي ويا آھن گدپور واري علائقي حادثاتي طور باھ لڳڻ ڪري حاجي غلام مرتضي’ ۽ سعيد چاچڙ جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو سڙي ويل سامان ۾ ڪڻڪ کاڌي پيتي جو شيون هنڌ بسترا ٿانون ۽ ٻيو سامان شامل آھي هوڏانهن باھ لڳڻ جي اطلاع تي فائربرگيڊ عملي واقعي واري هنڌ پهچي باھ تي ضابطو آڻي ٻين گهرن کي وڏي نقصان کان بچائي ورتو.