قمبر پوليس ٻن چوڪيدارن کي ڦورو ڄاڻائي پڪڙي ورتو، هڪ ڄڻو هاف فراءِ

قمبر (رپورٽ:محمود شيخ) قمبر سٽي ٿاڻي جي پوليس ٻن چوڪيدارن کي ڦورو ڄاڻائي پڪڙي ورتو، جن مان هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪري مقابلي دوران زخمي حالت ۾ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.پوليس موجب خيرپور جوسو روڊ تي ڦورن سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي ۾ ضمير وڳڻ زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس هڪ ساٿي حبدار عرف فوجي وڳڻ کي گرفتار ڪيو ويو.سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رفيق کيڙو ٻڌايو ته زخمي ڦورو پنهنجي ٻن ساٿين سميت راڄ واھ ڀرسان ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا، جن پوليس جي موبائل ڏسي پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڦورو ضمير وڳڻ زخمي ٿي پيو ۽ سندس هڪ ساٿي حبدار عرف فوجي وڳڻ کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندن هڪ ساٿي فرار ٿي ويو.ٻئي طرف چوٻول آهن ته زخمي حالت ۾ پڪڙيل۽گرفتار ڪيل ٻئي ڄڻا چوڪيدار آهن، جن کي پوليس بي گناهه گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.