حيدرآباد عدالت ۾ دھشتگردي جي ڪيس ۾ ڇھن جوابدارن جي ضمانت منظور

حيدرآباد ( رپورٽر) دھشت گردي جي انت لاءِ قائم ڪيل حيدرآباد واري خاص عدالت نمبر ھڪ بغاوت جي ڪيس ۾ تاج جويو ، سارنگ جويو،  سھڻي جويو، ارباب ڀيل، امير باغي، محفوظ نوتڪاڻي ۽ اسماعيل نوتڪاڻي جي 50, 50 ھزار رپين جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، واضح رهي ته ڇچر ٿاڻي تي 25 اپريل تي 167ڄڻن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جنھن ۾ پوليس 87ڄڻن کي گرفتار ڪيو ھو ۽ باقي روپوش ھئا ڪالھ شنوائي جي موقعي تي مٿي ڄاڻايل سبب ڄڻا پنھنجي وڪيل ظفر چانڊيو سان گڏ عدالت ۾پيش ٿيا، ياد رھي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ نواز خان زئونر اڳ ۾ ئي عبوري ضمانت تي آزاد آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.