پاڻي جي شديد کوٽ خلاف سکر ۾ پروگريسو ينگ اسٽوڊنٽس جو احتجاج

سکر (رپورٽر ) سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان پروگريسو ينگ اسٽوڊنٽس لائرز فورم پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري ڪپھه جي فصل کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي ۽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گھٽ ھجڻ جي ڪري ڊيلٽا پٽي تائين پاڻي نه پھچي سگھيو آهي جنھن جي ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي سنڌي پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي ويا آھن، پنجاب وارا اسان جي حقن تي ڌاڙو ھڻي ويٺا آھن، سنڌو دريا جا وارث سنڌي آھن پوءِ  به اسان سنڌين کي اسان جو حق نٿو ملي، پاڻي نه ملڻ جي ڪري آبادگار ۾ مايوسي ڇانيل آھي، آبادگاران جي سڄي سال جو گذر سفر فصل تي ھوندو آھي پاڻي نه مليو ته ٿر جيئان ڏڪر واري صورتحال پيدا ٿي ويندي. ھاڻي انسان، فصل ۽ جانورن جي جياپي جو سوال آهي. اسان حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪري سنڌ کي بچايو وڃي آغا صورت علي خان ، سرتاج حيدر شر، نبيل بلوچ، علي مرتضيٰ ميمڻ ۽ ٻين ينگ اسٽوڊنٽس پاران سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.