ڏيپلو ۽ ڪلوئي تعلقن جي پي ايس ٽي پاس اُميدوارن جا آفر آرڊر سياست جي ور چڙهي ويا

مٺي (رپورٽ: جي آر جوڻيجو) ڏيپلو ۽ ڪلوئي تعلقن جي پي ايس ٽي پاس اُميدوارن جا آفر آرڊر سياست جي ور چڙهي ويا،ڊائريڪٽر تعليم آيل وائيس ميسيج بعد آرڊر روڪي ڇڏيا، اُميدوار ڊي اي او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،رپورٽ موجب ٿر جي سمورن تعلقن ۾ پي ايس ٽي پاس اُميدوارن کي آفر آرڊر ملڻ بعد ڏيپلي ۽ ڪلوئي تعلقن جي اُميدوارن جا آفر آرڊر سياست جي ور چڙهي ويا آهن،ٻنهي تعلقن جي اُميدوارن جا آفر آرڊر يوسيز سطح تي لفافن ۾ تيار ڪري رکيا ويا،آرڊر ورهائڻ لاءِ ڊائريڪٽر تعليم ميرپورخاص ديدار جلباڻي ٻن ڏينهن تائين مٺي ۾ ترسيل رهيو.ذريعن موجب ڊائريڪٽر ميرپورخاص کي واٽس ايپ تي هڪ وائيس ميسيج آيو،جنهن بعد هُو ناراض ٿي آرڊر ورهائڻ توڙي آرڊرن تي صحيح ڪرڻ بنا  اٿي هليو ويو. آفر آرڊرن تي صحيح نه ٿيڻ ڪري سمورو ڪم وچ ۾ رُڪجي ويو آهي، اهڙي صورتحال بعد ٻنهي تعلقن جا سوين اُميدوار دربدر ٿي ويا آهن.ڏيپلي ۽ ڪلوئي تعلقن جي پي ايس ٽي پاس اُميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪالهھ ڊي اي او آفيس مٺي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.اُن سلسلي ۾نوجوانن کٽومل، دانش ٻالاڻي، اميتاب، غلام الله بچاڻي، خليل الله، منور علي سومرو، عبدالواحد، رحيم سميجو، مگهن ڀيل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته تعلقي ڏيپلي ۽ ڪلوئي جا رڪيل آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ۽ سياسي مداخلت ختم ڪري جلد آفر آرڊر ڏنا وڃن،ھنن تعلقن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه ڪيو وڃي،ٻين تعلقن کي آفر آرڊر ملي ويا آھن پر هنن تعلقن جا اڃا تائين آفر آرڊر نه ٿا ڏنا وڃن،جيڪا سراسر ناانصافي آهي،آفر آرڊر ورهائڻ ۾ سياسي مداخلت ٿي رهي آهي ۽ اسان کي خدشو آهي ته گڙٻڙ ڪئي ويندي،جلد آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا ته اسين عدالت ۾ وينداسين،اڳ ۾ ئي سياسي مداخلت سبب تعليم تباھ ٿي چُڪي آهي،خدارا تعليم کاتي کي سياسي مداخلت کان آجو ڪري ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن،اسان سان انصاف ڪيو وڃي،اُن موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيش آفيسر هريش ڪمار لوڍا مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري جلد آرڊر ورهائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي.

مهيش ملاڻي اُميدوارن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو

مٺي:مهيش ملاڻي پي ايس ٽي پاس اُميدوارن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو،اُن موقعي تي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته پ پ سرڪار هميشه بيروزگار نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا آھن، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس سمورن اميدوارن کي ميرٽ تي آفر آرڊر ڏنا ويندا ۽ ڏيپلو ڪلوئي تعلقن جي اميدوارن کي ڪجهھ سيٽن جي غلط فهمي سبب آرڊر ڏيڻ ۾ دير ٿي آھي،جيڪي جلد ڏنا ويندا ۽ ڪنهن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏبي.

اڄ شام تائين انتظار ڪيو:ڊائريڪٽر تعليم ديدار جلباڻي جي دلداري

مٺي:ڊائريڪٽر تعليم ميرپورخاص ديدار جلباڻي فون تي پنهنجو موقف ڏيندي چيو آھي ته اڄ شام جو سيڪريٽري سطح جي ميٽنگ آھي،ان ۾ ھن معاملي کي حل ڪيو ويندو،ان جي ڪري اڄ شام تائين انتظار ڪيو،جيئن معاملو حل ٿيو ته آئون آفر آرڊرز تي سگنيچر ڪندس ۽ اوهان کي آفر آرڊر ڏنا ويندا،

آفر آرڊرن ۾ ايم پي اي ارباب لطف الله رڪاوٽ بڻيل

مٺي:ڏيپلي ۽ ڪلوئي تعلقن جي پي ايس ٽي پاس اُميدوارن جي آفر آرڊرن ۾ تڪ جو ايم پي اي ارباب لطف الله رڪاوٽ بڻجي ويو،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته ارباب لطف اللّٰه پاران آفر آرڊر ورهائڻ کان اڳ ۾ ڊائريڪٽر تعليم ميرپورخاص کي وائيس ڪيو،جنهن بعد ڊائريڪٽر ڪاوڙجي واپس روانو ٿي ويو،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله جي مداخلت سبب ڏيپلي ۽ ڪلوئي تعلقن جي پي ايس ٽي پاس اُميدوارن جي آفر آرڊر ورهائجي ناهن سگهيا،سياسي مداخلت سبب اُميدوار سخت پريشان آهن ۽ تعليم کاتي جون اختياريون به بيوس بڻجي ويون آهن،

آفر آرڊر يوسيز سطح تي لفافن ۾ تيار ڪري رکيا ويا

مٺي:ڊي اي او ٿرپارڪر هريش ڪمار لوڍا چيو آهي ته ڏيپلي ۽ ڪلوئي تعلقن جا آفر آرڊر پرنٽ ڪري ڇڏيا آھن پر ڊائريڪٽر تعليم سائن نه ڪيا آھن،ڊائريڪٽر کي ڪنهن جو وائيس ميسيج آيو،جنهن بعد هن سائن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،سائن ڊائريڪٽر ڪري ته اسان آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ تيار آھيون،اسان سڄو پروسيس ڏينهن رات محنت ڪري ايمانداري سان مڪمل ڪيو آھي،اسان طرفان ڪا ناانصافي ٿي هجي ته سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آھيون،اسان يونين ڪائونسل ليول تي آفر آرڊر لفافن ۾ لڳائي تيار ڪري رکي ڇڏيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.