گهوٽڪي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ قادرپور ۾ ڪوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري 3 ڄڻا نظام دين ڪوري، غلام علي، مقبول احمد ڪوري زخمي، گهوٽڪي تعلقي  اسپتال منتقل، ان موقعي هڪ ڌر جي فياض احمد، مقصود احمد ،امتياز، منور ڪوري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته عبدالقادر، علي حسن، اصغر، عبدارحيم، زاهد، حفيظ ڪوري، عبدالشڪور ڪوري ۽ ٻين اسان مٿان بلاجواز حملي ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪري وڌو آهي ، هنن چيو ته قادرپور پوليس به جوابدارن جي ونگارو بڻيل آهي، پوليس رشوت عيوض جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.