انب موري لڳ جهيڙو، 9 ڄڻا زخمي

انب موري (رپورٽ:علي احمد جروار) انب موري ڀرسان ڳوٺ جيئو ڪلوئي ۾ ڪلوئي ۽ مڱڻهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهھ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مڱڻهار برادري جا رضا علي پٽ شبير احمد، باقر علي پٽ شريف عاجز علي پٽ ميوو، شبير احمد پٽ الهڏنو، اعجاز علي پٽ محمد اسحاق شامل هئا، جن کي ٽنڊو جان محمد اسپتال داخل ڪيو ويو. جڏهن ته ڪلوئي برادري جي چئن زخمين زمان، رضوان، شفيق ۽ شاهد کي ڊگهڙي اسپتال  داخل ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.