واڻڪي وسيءَ ۾ زمين تي قبضو، حيدرآباد ۾ سڀاڻي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) واڻڪي وسي ۾ غريب ۽ بي پهچ هاري جي زمين تي قبضي خلاف عوامي ورڪرز پارٽي حيدرآباد ۾ سڀاڻي احتجاجي مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس سامهون ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عاليه بخشل ٿلهو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ لطيف لغاري، بخشل ٿلهو ۽ ڪامريڊ مظفر لغاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حيدرآباد سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سياسي ڀٺڀرائي هجڻ ڪري بااثر ماڻهو، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪري رهيا آهن، اهڙي قسم جو هڪ واقعو تازو حيدرآباد ٻهراڙي جي ڳوٺ واڻڪي وسي ۾ پيش آيو آهي، جتي پاڻ کي سنڌ جي اقتداري پارٽي سميت پاڻ کي ڳجهن ادارن جو اعليٰ اهلڪار سڏائيندڙ شخص هڪ غريب پورهيت جي هڪ ايڪڙ کاتي واري زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کان روڪڻ تي حد جي ٿاڻي هٽڙي جي پوليس ڳوٺ جي سجاڳ رهواسين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، پوليس، عوامي ورڪرز ۽ هاري ڪميٽي جي سيڪريٽري ڪامريڊ مظفر لغاري کي بنا ڪنهن ايف آءِ آر جي وچ ڳوٺ مان کنڀي ٿاڻي ۾ واڙي ڇڏيو، جنهن خلاف احتجاج ڪرڻ تي ايس ايڇ او هٽڙي ڄاڻايل واقعو ايس ايس پي حيدرآباد جي حڪم تي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته پوليس ۽ قبضا خورن کان اسين ڊڄڻ وارا ناهيون، 11 مئي تي واڻڪي وسي کان احتجاجي مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس حيدرآباد سامهون ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو قبضو ڪندڙ جي گرفتاري تائين جاري رهندو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.