جيڪب آباد لڳ جي يو آءِ اميدوار اغوا بعد آزاد، گرفتاري جو مطالبو

جڪب آباد ( ڊر ) جي يو آءِ  جو اڳواڻ ۽ مڪاني چونڊن جو اميدوار مولانا رحيم داد پهوڙ آر او کان نامينيشن فارم وصول ڪرڻ بعد جي يو آءِ جي  ساٿين سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد رات جو پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته جيڪب آباد جي ڳوٺ جاڙي ويجهو نامعلوم هٿيار بند اغوا ڪري ويا 10 ڪلو ميٽرن تائين ھٿ ۽ اکين تي پٽي ٻڌي پيدل وٺي ويا، بعد موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي رهيا هئا ته ان جو پنچر  ٿيڻ ۽ اچانڪ ڪر م پور پوليس ڏسڻ تي مغوي پڄي جان بڇائي، جڏھن ته هٿياربند فرار ٿي ويا، جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري شديد احتجاج ڪندي ملزمن کي گرفتار ڪري قانون حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.