پڊعيدن مان هٿ آيل لاش ڀريا واسي جو نڪتو، جاچ شروع، شڪ ۾ زال گرفتار

ڀريا سٽي ( رپورٽ: مجيد ڪيريو ) ڀرياروڊ هڪ مهينو اڳ پڊعيڊن ٿاڻي جي حد مان نصرت ڪئنال ۾ لڙهندي هٿ ڪيل لاوارث لاش جي سڃاڻپ وارثن ميڊيا تي هلندڙ خبرون مان ڪئي. جنهن بعد فوتي شخص  ڳوٺ جمعو خان ڪلهوڙو واسي طورڪئي. 2 ڏينهن اڳ ڀرياروڊ ٿاڻي تي فوتي جي ڀاءَ محمد صديق ڪلهوڙو ڀرياروڊ ٿاڻي تي پهچي انڪشاف ڪيو ته ڀاءَ کي زال مسمات حميدان عرف متيري  پنهنجا ناجائز تعلقات رکندڙ ٻن  جوابدارن عزنو ڪلهوڙو ۽ ضمير ڪلهوڙي سان گڏجي ڪرونڊي ۾ ڀٽي تي مزدوري ڪندڙ ڀاءَ لونگ کي دوکي سان وٺي اچي زال سميت ٽنهي جوابدارن ڀاءَ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي نصرت ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته جوابدار عزنو جا ڀاڄائي سان ناجائز لاگاپا هيا. ڀاءَ کي قتل ڪرڻ بعد ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ چاهي پيو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڀرياروڊ پوليس مک جوابدار فوتي جي زال مسمات حميدان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جنهن کي ڳجهي هنڌ منتقل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڀرياروڊ  مجيب الرحمان ناريجو ٻڌايو ته مقتول جي  ڀاءُ  جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو آهي هڪ مهينو اڳ لونگ ڪلهوڙي جو لاش لاوارث حالت ۾ نصرت ڪينال مان مليو هيو جاچ ڪري رهيا آهيون قتل ۾ الزام ھيٺ آيل فوتي جي زال سميت جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.