حيدرآباد ۾ پوليس جي ڪارروائي اغوا ٿيل نينگر بازياب

کوکراپار (رپورٽ: عنايت قمبراڻي) گذريل ڏينهن  ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد مان  کارادر ڪراچي کان ملير جي علائقي ڪاٺوڙ لڳ گهر ڀاتين سان پڪنڪ تي آيل ٻن سالن جي نينگر مشاب معيز کي فيسٽا واٽر پارڪ وٽان اغواڪارن عورت سهولت ڪار سان گڏ اڇي پراڊو گاڏي ۾ اغوا ڪري ورتووارثن طرفان ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ کان پوءِ پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي ڳولا بعد حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد مان کيس بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير عرفان بهادر جو چوڻ هو ته ٻار کي 12 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائي هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن وقاص ۽ فيصل کي گرفتار ڪري ڪراچي ايم جي ڪرائم سيل منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.