مانجهند ۾ پاڻي کوٽ خلاف اٺين ڏينهن به نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو، نعري بازي

مانجهند( رپورٽ :  بابو عمراڻي)مانجهند ۾  وڏي عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ تلائن جي صفائي نه ٿيڻ سولر سسٽم نه هئڻ  خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جو اٺين به خالي دلا مٽ کڻي نٽھڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي پبلڪ هيلٿ انجنيئر جي علامتي جنازي کي شھر ۾ گشت ڪرايو ويو ان موقعي تي اڳواڻن محمد عمر ابڙو  يوسف عمراڻي پير جان محمد اعجاز ميمڻ شاهنواز شاه  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو مانجهند شھر ۾ پاڻي کوٽ سبب ڪربلا واري صورتحال آھي خلق خدا جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي شديد گرمين ۾  معصوم شاگرد شاگردياڻيون  تعليم پرائڻ بجاء پاڻي ڍوئڻ تي مجبور آھن جڏھن ت شھرين جو ڪاروبار پڻ  ٺپ ٿي ويو آھي شھري لاش کي غسل ڏيارڻ لاء به 200 روپيا في ڊرم خريد ڪن ٿا اسڪيم کي سولر سسٽم نٿو ڏنو وڃي تلاء بدبودار ٿي وڃڻ باوجود صفائي نٿي ڪرائي وڃي   پر پبلڪ هيلٿ کاتو ڪرپشن ۾ پورو آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت فوري طور پيئڻ جو پاڻي جو بندوبست ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ڪيمپ تي اڳوڻي ڪائونسلر ڪامريڊ حسن برهماڻي جسقم جي اڪرم کوسو ۽ ٻين پهچي يڪجهتي جو اظھار ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.