10مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ 

فقير محمد سنڌي

¨ 10 مئي 1908ع تي پھريون ڀيرو مائرن جو (ماءُ جو عالمي ڏينھن) ملهايو ويو.

¨ 10 مئي 1930ع تي شاعر ۽ شاه لطيف جو پارکو الھه نواز رُڪڻائي ڳوٺ رُڪڻ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.

¨ 10 مئي 1940ع تي ٻئي جنگ عظيم ۾ جرمني، بيلجيم، نيدرلينڊز ۽ ليڪسمبرگ تي حملو ڪيو.

¨ 10 مئي 1952ع تي وجودي فڪر جو ڪھاڻيڪار، مشتاق شورو سجاول ۾ عبدالڪريم شورو جي گهر ۾ جنم ورتو.

¨ 10 مئي 1963ع تي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي نيپال فوج جو اعزاز، فيلڊ مارشل ان جي دوري دوران نيپال ۾ بڻايو ويو؟

¨ 10 مئي 1966ع تي ناميارو فنڪار، غلام رباني چانڊيو ولد سجاول فقير چانڊيو ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.

¨ 10 مئي 1971ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جو انائونسر شبير شاهه ولد سيد محمد شاهه ڳوٺ دودائي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ 10 مئي 1974ع تي غزل گوشاعر، حافظ شاهه ناطق حسيني حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

¨ 10 اپريل 1974ع تي نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر محمد عالم جي گهر نئين ديري ۾ جنم ورتو.

¨ 10 مئي 1994ع تي نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جو پهريون ڪاري نسل جو صدر ٿيو.

¨ 10 مئي 2002ع تي هندي ۽ اردو ٻوليءَ جي مشھور شاعر ڪيفي اعظمي جو وڇوڙو ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.