سوشل ميڊيا ڪارنر

اسان جو ماڻهپي وارو هي يار به وارو وڄائي ويو۔

اسان جو ماڻهپي وارو هي يار به وارو وڄائي ويو۔ هن سان ذهني هم آهنگي هجڻ ڪري ڪافي ويجهڙائپ هئي۔ پڙهيل لکيل غريبن ۽ مسڪينن جو درد سمجهندڙ ۽ سندن عزت ڪندڙ انسان هو۔ چوندو هو وڏيرا جيڪي غريبن جي نياڻين کي ڪارو ڪندا ٿا رهن سندن جون ته روز نوان بواءِ فرينڊ ٺاهينديو ٿيون رهن انهن تي ته کين ڪاوڙ ئي نٿي اچين۔

ايم پي اي ٿيو ته مهنجو پاڙيسري هو۔ هونئن مون کي خبر ئي نه هئي ته ڪو انور خان مهر منهنجي پاڙي ۾ ٿو رهي۔ هڪ ڏينهن شام جو آفيس وڃڻ لاءِ  نڪتس ڏسان ته روڊ لڳ اسي گز جي گهر سامهون نم جي وڻ هيٺ ڊرمب ماڻهن جو بيٺل نظر آيو۔ مان سوچيو الائي جي قضيو ٿي پيو آهي معلوم ڪرڻ لاءِ  گاڏي روڪي هيٺ لٿس ته هن جي مون تي نظر پئي ته اڳتي وڌي آيو۔ اچو ڪامريڊ ويهو اسان جي چانھن پيئو۔ مون چيو چانهھ ته ڪونه ٿو پيئان آفيس جو وقت ٿي ويو آهي اوڏانهن ٿو وڃان۔ هتي ماڻهون ڏٺم سو خيريت معلوم ڪرڻ آيس۔ چيائين ادا هي تڪ جا ماڻهون پنهنجا مسئلا کڻي ايندا آهن انهن کي نبيرڻ لاءِ  هتي ويهندو آهيان۔ گهر غريباڻو آهي سو گنجائش ٿوري هجڻ ڪري هن نم جي وڻ جو سهارو وٺندو آهيان۔

هن کي ڪڏهن به ماڻهن کان بيزار ٿيندي يا کين ڇڙٻ ڏيندي نه ڏٺم۔ انتهائي نرم لهجو، هر وقت منهن تي مرڪ ڇانيل۔ مون کي ته مسيحا جو نئون روپ لڳندو هو۔

جڏهن هيءَ منحوس خبر ٻڌم ته زمين پيرن هيٺان نڪري وئي۔ ابول! انورخان به ويو وڻجارو اوهري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 شبير شر جي پوسٽ

پاڻيءَ جا معاهدا

سنڌ طاس معاهدو پڙھي رھيو آھيان، جيڪو مڪمل طرح بي جان ۽ تز قانوني معاھدو آھي، جنھن ۾ درياھن جي لکين سالن جي وھڪرن ۽ ڇاڙن، ڍورن سان ڪاسائيڪي ڪار ٿيل آھي. ڇهھ ڪروڙ ويهھ لک سٺ ھزار اسٽرلنگ پاؤنڊ جي ڏھ سالا قسطن ۾ ملندڙ پئسن عيوض ڇھن درياھن جو مامرو نبيرو ويو ته ٽي اولھه وارا ٽي درياهه سنڌو، چناب ۽ جھلم پاڪستان وٽ رھندا ۽ اوڀر وارا ٽي درياهه راوي، بياس ۽ ستلج جي پاڻي تي انڊيا کي حق حاصل ھوندو، مٿين ملندڙ پئسن مان پاڪستان پنھنجي ٽنھي درياھن تي اھڙا منصوبا شروع ڪندو جنھن سان انڊيا کي ڏنل ٽنھي درياھن جي پاڻي تي ڀاڙيندڙ زمينن کي سيراب ڪري سگھجي. سنڌو ماٿري جي انڊيا کي ڏنل ٽن درياهن تي رڳو زرعي زمين پئي ڀاڙيو يا ھڪڙي پوري دنيا ھئي جيڪا تباھي ڪنڌي پھتي.

ھن معاھدي ۾ سنڌ جي حيثيت سنڌو جي ڌرتي جي حيثيت اھڙي ھئي جھڙي پاڪستان ۾ آھي.

انجنيئر اوڀايو خشڪ پنھنجي ڪتاب سنڌ پنجاب پاڻي مامرو ۾ لکي ٿو ته `ھن ٺاھ کان اڳ جيڪي به ٺاھ ٿيا آھن انھن ۾ ملڪن وچ ۾ پاڻي ورھايو ويو آهي. پر ھن ٺاھ ۾ درياهه ورھايا ويا آهن. جيڪو اڄ تائين دنيا جو واحد ٺاھ آھي`. 1991 جو پاڻي ٺاھ پڻ اھڙو ئي معامرو آھي،

1991 جي پاڻي ٺاھ ۾ پڻ ڪوٽڙي کان ھيٺ انڊس ڊيلٽا کي ڪيترو پاڻي ڏجي ۽ ان جو ڪو نبيرو موجود ئي ناھي ان معاهدي جي شق نمبر 7 ۾ ڏھ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏڻ جي سنڌ جي رکيل تجويز کي لکيو ويو آھي باقي گھٽ ۾ گھٽ پر واضع ڪيترو پاڻي ڇڏيو وڃي، ان جو ڪو نبيرو سري کان آھي ئي ڪونه. گھٽ ۾ گھٽ پاڻي ڇڏڻ بابت اڀياس ڪرايو ويندو، پر ڪڏھن، ڪٿي، ڪئين ٿيندو اھڙو اڀياس؟ ان جو ڪو ذڪر ناھي.

درياھن کي جيئن ڏيو، لکين سالن ۾ ٺھيل پاڻي/ زندگي جي وهڪرن کي جاري ڪيو، ھي ٺڳي جا ٺاھ ختم ڪريو.

 

مختيار راهو جي پوسٽ

پنهنجا ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪريو

ھن ھمراھ جو نالو علي محمد سومرو آهي ـ بدين جي ڳوٺ جو رھواسي آهي ـ پاڻ بدين ٽنڊوباگو روڊ تي وھڻا ئي وٽ ڪمند جي رس جو ڪاروبار ڪري ٿو ـ اڄ ڪورٽ تان واپسي تي وٽس ڪمند جو رس پيئڻ لاءِ  بيٺس ـ گڏو گڏ خيال جاڳيو ته ساڻس ڪچري به ڪجي سو سڏ ڪري پاسي ۾ ڪرسي تي ويھاريومانس ـ پاڻ ٻڌائڻ لڳو ـ

چيائين ٽن وڏين ڀينرن ۽ ماءُ پيءَ ۽ گھر واري مان ٻه ٻارن پيءَ ھئڻ جي ناتي سندن اڪيلو ڀرجھلو آهيان ھن ڪاروبار کان اڳ ڪراچي ۾ ھمالي جي مزدوري ڪندو ھوس ھزار ٻارنھن سئو روز جا ملندا ھئا ـ واپس ڳوٺ اچي ھڪ گھر ۾ بيٺل ھڪ پاڏو بابا جي اجازت سان /84000 ھزارن وڪيم ان مان ڪمند جي رس جي مشين 70000 ھزارن ۾ ورتم ڪجهه مزدوري ڪري گڏ ڪيل پئسن مان باقي ٻيو رھيل سامان به خريد ڪيو ان رس جي ڪاروبار ڪرڻ ٿورو ٿورو سڀ مٽيريل وٺندي ٻه سال لڳي ويا ـ ھن وقت پنهنجي ھن ڪاروبار مان 5 کان 6 ھزار روز جا ڪمائي ٿو وڃي اڌ خرچ آهي باقي اڌ بچت ملي ٿي پنهنجي گھر جي ويجهو بابا امان جي خدمت جو موقعو به مليو پوي پنهنجو حق حلال جو ذاتي ڪاروبار آهي ڪنهن جي غلامي نٿي ڪرڻي پوي ڪراچي ۾ مون پاڻ کي پرائي غلامي ڪندي محسوس ڪيو ھاڻ ڏاڍو خوش آهيان ـ

هي سڄو قصو  لکڻ جو فقط ھڪڙو مقصد ته سنڌي نوجوانو! ھن علي محمد سومرو جيان پرائي غلامي يا مفت ۾ ويھي کٽون ٽوڙڻ ھوٽلون وسائڻ کان بھتر آهي پنهنجا ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪريو پنهنجي پوڙھن ماءُ پيءَ تي بار ۽ پريشاني ٿيڻ جي بجاءِ سندن ڀرجھلو ٿيو ۽ عزت سان ڳاٽ اوچو ڪري زندگي گذاريو ـ

سوشل ميڊيا پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.