راڌڻ ويجهو ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو جرڳو، 6 لک ڏنڊ

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ لڳ ڪچي جي علائقي ۾ ڳوٺ مٺو سولنگي ۾ سولنگي ھائوس تي 1 ڌر  ھتار برادريءَ جي محمد ھارون ھتار  ڌر 2 خالد سولنگي وچ ۾ ھلندڙ سڱاوتي تڪرار جو فيصلو نئوڳوٺ شھرجي چڱي مڙس وڏيرو محمد اسماعيل لاکير، سولنگي برادريءَ جي چڱي مڙس  وڏيرو پٺاڻ خان سولنگي جي سرپنچي  ۾ ٿيو جنهن ۾ سولنگي ڌر کي ڏوھي قرار ڏئي سندن مٿان 600000  لک اکرين ڇھ لک روپيه ڏنڍ ۽ تڏي ميڙ رکيو ويو فيصلي ۾ سولنگي برادري جي محمد ھارون سولنگي شمس الدين سولنگي ، سائين علي اڪبر سولنگي  گلزار خان سولنگي دلاور سولنگي بيگ محمد شيخ ،جڏھن ته ھتار برادريءَ جي محمد ھارون ھتار محمد خان ھتار  ڪامران ھتار راجا ھتار شرڪت ڪئي اھڙو فيصلو ڌرين قبول ڪري ورتو بعد۾ ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو ۽ آخر ۾ دعا خير گهري وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.