گهوٽڪي لڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو، پوليس موٽي آئي

گهوٽڪي ( ڊر ) ضلعي گهوٽڪي جي پوليس ضلع اندر امن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي،2 ڏينهن اڳ پاڻي واريندي عثمان ڪولاچي کي اغوا ڪيو ويو پر سرحد پوليس رائونتي ڪچي ۾ پيرا وڃائي خالي هٿ موٽي آئي گهوٽڪي ضلعو ڌاڙيلن جي انڊسٽري بڻجي چڪو آهي پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آهي اگر ڪوبه مغوي بازياب ٿيندو آهي اُهو راڄوڻي ڪوششن ذريعي يا ڀنگ ايوض بازيابي ماڻيندو آهي هن وقت به ڌاڙيلن وٽ ڪيترائي مغوي قيد آهن، پر پوليس انهن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ۽ وري گذريل ڏينهن اوٻاوڙو ويجهو گڊو لنڪ روڊ مٽر پل وٽ نامعلوم ھٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڦر ڪري باآساني سان فرار ٿي ويا جنهن فوٽيجز به منظر عام تي اچي ويا آهن پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي اسين ته ايس ايس پي کان ته مطالبو نٿا ڪري سگهون ڇا ڪاڻ ته جڏهن کان ايس ايس پي اظهر خان مغل اسان جي ضلعي ۾ آيو تڏهن کان ضلع گهوٽڪي اندر بدامني گهٽجڻ بجاءِ بدامني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي اسين ڊي آئي جي سکر ۽ ٻين پوليس جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪنداسين ته اسان جي ضلعي گهوٽڪي اندر امن امان جي صورتحال تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ ضلع اندر امن ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.