سنڌڙي مان نوجوان جي اغوا جو نوٽيس، ڊي آءِ جي ميرپورخاص طرفان رپورٽ طلب

ُميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سنڌڙي لڳ ڳوٺ حسين ڪالرو مان اغوا ٿيل نوجوان پورهيت ايسرداس ڀيل جي اغوا ۽ وارثن کان نوجوان جي آزادي لاءِ 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ وارين خبرن جو ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر نوٽيس وٺندي نوجوان جي مبينا اغوا ۽ ڀنگ طلب ڪرڻ جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي نوجوان جي بازيابي کي يقيني بنائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. هوڏانهن سنڌڙي ٿاڻي جي پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ خاص اُپاءُ نه ورتا. نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مغوي نوجوان جي والد وشنو ڀيل، سهري هرچند ڀيل، بابو ڀيل ۽ ٻين چيو ته نوجوان جي بازيابي لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي  ۽ نه وري اغوا ۾ ملوث شڪي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل نوجوان کي فوري طور بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.