سري لنڪا، حڪومتي ۽ معاشي بحران جي ور چڙهي ويو

پرڏيهي واءُ سواءُ

سريلنڪا ۾ معاشي بحران  سياسي گهوٽالو پيدا ڪري ڇڏيو آهي،جنهن بعد وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ڪجهه وقت کان سري لنڪا جو ملڪ معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي.جنهن خلاف عوامي سطح تي احتجاج شروع ٿيڻ بعد حالتون گهڻيون خراب ٿي ويون آهن.

وزير اعظم مهندرا راجا پڪشا،عهدي ڇڏڻ  جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته گادي واري هنڌ ڪولمبو ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو هو، حڪومت جي حامي ۽ مخالفن جي وچ ۾ چڪرين کانپوءِگهٽ ۾ گهٽ 78 ماڻهو تشدد ۾ زخمي ٿيا آهن، هڪ مقامي اسپتال جي مطابق ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف گذريل مهيني کان احتجاج هلندڙ آهي.76 سالن جي راجا پڪشي جي ترجمان موجب هن پنهنجي استعيفيٰ صدر گوتابايا راجا پڪشا ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. هن ملڪ ۾ به صدر وزيراعظم جو سڳو  ڀاءُ آهي.سريلنڪا 1948ع ۾ برطانيا کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ سڀ کان وڏي معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. حڪومت فوري طور تي مالي مدد جي اپيل ڪئي آهي. سري لنڪا جو عوام چاهي ٿو ته ملڪ جو صدرگوتابايا راجا پاڪشا به عهدو ڇڏي.گذريل هفتي صدر جي رهائشگاهه ٻاهران پرتشدد احتجاج کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي. جنهن بعد فوج کي مقرر ڪيو ويو ۽ شڪي ماڻهن کي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.سريلنڪا هڪ وڏي معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جزوي طور تي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جي گهٽتائي سبب پيدا ٿيو آهي.هندي وڏي سمنڊ ۾ سوا ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ وڏي پئماني تي بجلي جي کوٽ، ٻارڻ جي کوٽ، خوراڪ جي کوٽ ۽ دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب عوام ۾ حڪومت خلاف سخت ڪاوڙ وڌي رهي آهي.

28 اپريل تي صدر جي گهر ٻاهران احتجاج ته پرامن طور تي شروع ٿيو هو، پر حالتن کان تنگ ماڻهن ۾ شديد چڙ ۽ڪاوڙ جي نتيجي ۾مظاهرو ڪندڙن سخت احتجاج ڪيو،ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ۽ اتي موجود ماڻهن کي ماريو، جنهن بعد صورتحال پرتشدد ٿي وئي.۽ احتجاج دوران مظاهرو ڪندڙن پوليس تي جوابي پٿرائو  ڪيو.

عالمي ميڊيا موجب گهٽ ۾ گهٽ ٻه درجن پوليس اهلڪار  جهڙپ ۾ زخمي ٿي پيا، رائٽر نيوز ايجنسي هڪ اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو. 5,000 کان وڌيڪ ماڻهو راڄڌاني ڪولمبو ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ صدر جي گهر ڏانهن مارچ ڪرڻ شروع ڪيو.

28 اپريل جي رات هزارين ماڻهن سريلنڪن صدر  جي گهر طرف مارچ ڪيو ۽ ملڪ ۾ جاري معاشي بحران سبب سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. احتجاج ڪندڙن ۾ ڪيترائي نامعلوم سوشل ميڊيا ورڪرز شامل هئا.هنن ٽائرن کي باهه ڏئي راڄڌاني جي مين هاءِ وي کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. پرتشدد احتجاج شروع ٿي ويا، احتجاج ڪندڙن ٻن فوجي بسن ۽ هڪ جيپ کي باهه ڏني ۽ پوليس تي پٿر اڇلايا.

اهڙي صورتحال هڪ ٽي وي چينل پاران سڌي نشريات ڏيکارڻ تي ان چينل کي فوري بند ڪيو ويو.جنهن سان صورتحال جي سنگيني جو اندازو ٿئي ٿو.ان دوران ڪيتريون ئي گرفتاريون پڻ ٿيون،آهستي آهستي صورتحال وڌيڪ خرابي ڏانهن وڃي رهي آهي.هوڏانهن مظاهري ۾ شريڪ هڪ رٽائرڊ بينڪ آفيسر جو چوڻ هو ته مون وٽ رقم جي ڪا کوٽ نه اهي پر ملڪ ۾ هر شئي جي کوٽ ٿي پئي آهي،پئسن تي به ڪجهه نٿو ملي. نه گئس ملي ٿي نه پيٽرول ملي ٿو.انهن پئسن جو ڪو نه فائدو نه پيو ٿئي. هن ملڪ ۾ ڏکيا ڏينهن اسان جي مٿان اچي ويا آهن،حڪمران اسان کي بنا مارڻ جي ساهه ڪڍي رهيا آهن.

ياد رهي ته هي ملڪ هن ملڪ جي معيشت ڪورونا واري وبا بعد خراب ٿيندي وئي.هن حال ۾ پهچڻ جي ٻين سببن ۾ ملڪ جي بدانتظامي ۽عالمي ادارن کان ورتل قرض به اهم آهن.

ملڪ تي ڪافي وقت کان رجا پاڪشا خاندان حڪمران آهي. صدر ۽وزيراعظم ٻئي ڀائر آهن. ٻيا ٻه ڀائر به اهم وزارتن تي ويٺل آهن، انهن جي ئي خاندان جا ماڻهون اهم عهدن تي فائز آهن.

ملڪ ۾ عوامي ٽرانسپورٽ نه نه هئڻ برابر آهي.اسپتالن ۾ آپريشن بند ٿي ويا آهن،ماڻهو بي يقيني جي ڪيفيت ۾ ذهني دٻاءِ جو شڪار ٿي ويا آهن،

آءِ ايم ايف سميت هندوستان ۽ چين کان مالي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. پر صورتحال گهڻي بحراني ٿي وئي آهي، جنهن کي بهتر ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.