هاڻي نوجوانن وٽ سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي ايجنڊا مکيه هئڻ گهرجي

حسين آزاد

سماجي ماهرن تبديلي کي ترقي جي راھ جي اهم شاهراھ طور سمجهن ٿا. وڏي سوچ ويچار ۽ تجربن کان پوءِ نتيجو اهو ڪڍيو ويو آھي ته هن ڪائنات ۾ ڪا به  شي جمود جي صورت ۾ نه آھي پر هر وقت هر شي تبديلي جي مرحلي مان  گذري رهي ٿي ۔ يعني تبديلي ترقي ۽ زندگي آھي جڏهن ته جمود موت آھي ڪائناتي مظھرن کان ويندي سماجي ۽ سياسي  اصول به هر  تبديلي جي دور مان گذرندا ترقي ڪندا  ۽ تبديل ٿيندا رهيا آھن ۽ انهيءَ تبديلي جو بنياد تضادن تي رکيل آھي.

 اهو ڪائناتي سچ آھي جنهن به معاشري ۾ تضادن پنهنجي ويڙھ تيز ڪئي اتي تبديليون به تيز رهيون آھن جنهن جي بنياد تي انقلاب برپا ٿيا ۽ جن سماجن ۾ ارتقا سست رهي آهي اڄ به اهي  مثبت تبديلي ۽ ترقي  کان وانجهيل رهيا آھن اسان جو سنڌي سماج به سست رويي جو شڪار رهيو آھي جڏهن معاشرن ۾ تبديلي آئي آھي ته  اها نوجوان جي جوش جذبي علم فهم ۽ مستقل مزاجي طفيل آئي آھي ۔ سنڌ جي نوجوان کي هاڻي پنهنجي زندگي جي ڪمن وارين اوليتن  ۾ سنڌ ۾ سياسي نظام جي تبديلي جي ايجنڊا سرفهرست ۾  رکڻي پوندي  ھر عمل جو ڏهاڪو پهرين سوچ ھوندو آھي. تنهنڪري اڄ جو سنڌي نوجوان تبديلي جي شروعات پاڻ کان  ڪري ۽ پنهنجي گهر جي ماڻھن جي سوچ کي تبديل ڪري جنهن کانپوءِ  عمل جي ميدان ۾ نڪري پئي هي ايڏو  ڪو تڪليف واروڪم به نه آھي.

اڳ واري ڏکي دور کان اڄ سوشل ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا اسان جا ڪم آسان ڪري ڇڏيا آھن بس صرف اسان کي ٿورو مثبت سوچ ۽ دل ڪشادي ڪرڻ جي ضرورت آھي  ۔ هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھو کي  پنهنجي روزي روٽي جي ڪم ڪار  کان سواءِ مثبت تبديلي آڻڻ واري لاڙي کي تيز ڪرڻ لاءِ  وقت ڪڍڻو پوندو ۔ وڏي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ  ننڍن مقصدن کي هڪ پاسي وقتي طور رکڻو پوندو ۽ ننڍن مفادن کي ڏن مفادن تان قربان ڪرڻو پوندو ذاتي ۽ خسيس مفادن کي حاصل ڪرڻ بجاءِ اجتماعي مفادن کي ترجيح ڏيئڻي پوندي تڏهن اسان جي سنڌ ۾ هڪ نئين سر نئين رٿابندي تحت اڻ ٿڪ محنت ۽ سهپ برداشت سان گڏ ڪا زبردست تحريڪ پيداڪري هن مدي خارج فرسوده ۽ دنيا جو ڌڪاريل قبائلي جاگيرادري ۽ موروثي  نظام مان جند ڇڏائي هڪ دنيا جي اڳيان نئي تاريخ رقم ڪري پنهنجي مستقبل کي روشن ڪري سگهجي ٿو .

آئون سمجهان ٿو اهو ڪم   صرف نوجوانن  جي  جدوجهد سان   ممڪن بنائي  سگهجي ٿو  ۔  نوجوان سائنسي سوچ ۽ جدليات جي بنيادي اصولن جي تعليم ۽ علم  جو مطالعو ڪري  ان پٽاندر عملي جدوجهد ڪري ته اسان جي معاشري جي تبديلي يقيني آھي پر جي ايئن نه ڪندو تيستائين  سنڌ ۾ سياسي تبديلي اچڻ ويجهي مستقبل ۾ ناممڪن لڳي ٿي ۔ اسان جي فرسوده نظام ۽ فرسوده سوچ  جي اڪثريت  کي جيڪڏهن موڙي ان کي مثبت سوچ ۽ تبديلي جي طرف لاڙو پيدا ڪرڻ واري قوت ۽ طاقت آھي ته صرف نوجوان  جي شعوري لاٽ ،  گڏيل جدوجهد، بي خوفي ۽ دليري وارو رستو ئي آھي ۔ ياد رهڻ گهرجي ته فرد معاشري جو حصو آھن فرد ئي معاشرو اڏيندا آھن ۽ نتيجي ۾ معاشرو ئي فردن کي اهي سڀ سک مهيا ڪندو آھي سنڌ ۾ ايم آر جي تحريڪ  70 ۽ 80 واري ڏهاڪي کان پوءِ  ويجهي ماضي ۾ سنڌي  نوجوانن جو ڪنهن سياسي پليٽ فارم تان ڪا وڏي تحريڪ ۽ ڪردار نٿو ڏسڻ ۾ اچي نه ئي ڪا سنڌي  معاشري ۾ سياسي سجاڳي جو ڪو بهتر ڪارنامون يا عمل ٿيو هجي    پر الٽو مجموعي طور  مايوسي ۽ نراسائي جي ڪري  ترقي  کان تنزلي طرف روان دوان محسوس ٿي رهيو آھي  ان جي  نتيجي ۾  اسان جي سنڌي معاشري ۾ ساڳيا ڀوتار ساڳيا منفي رويا ۽  بي روزگاري مهانگائي پريشانيون، خودڪشيون وڌيڪ  ڏسڻ ۾ آيون آھن.

ويجهي ماضي جو تجربو ٻڌائي پيو ته اڪثريت مڊل ڪلاس جي نوجوان جي جيڪو لکيل پڙھيل به  آھي تنهن جي  سوچ جو لاڙو صرف ذاتي مفاد ۽ ٿوري فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ  وڏيري جاگيردار جي اوطاقن جا چڪر  ڪاٽندي ڏٺو ويو  آھي. اهڙي رويي بابت  پڇڻ جي  صورت ۾  سندس زباني جواب  ئي اهڙو ملندو آھي جو انساني شعور تان ويساھ ئي کڄي وڃي ٿو. سندن سڌو سنئون  اهو جواب ٻڌڻ  ۾ايندو آھي  ته زماني سان گڏ هلي پنهنجي ذات لاءِ  فائدو حاصل  ڪرڻ اڄ جي وڏي عقلمندي آھي ۽ باقي وطن ، غريب  مسڪين  ماڻھن جي سکن لاءِ  ۽  نظام جي تبديلي سنڌ جي خوشحالي جي ڳالھه تي اڙيل با ضمير ۽ بااصول سياست ڪندڙ طبقو چريائپ جي ور چڙھيل آھي ۔ مطلب ته ڪل تي جز کي ترجيح ڏيڻ ۔ انهيءَ سوچ جو مالڪ  مڊل ڪلاس جو نوجوان توڙي غريب   پاڻ کي وڏو چالاڪ سمجهندو رهيو آھي۔ پر حالت جي جبر هيٺ جن نوجوانن جي سوچ اهڙي پيدا ٿي آھي اهي پنهنجي انهي سوچ جي نتيجي ۾ کين مليل   وڏيرڪي ۽ جاگيرداري  نظام مان فائدي جي ڀيٽ  انهيءَ  نظام کي ختم ڪندڙ معاشرن ۽ ملڪن جي  ماڻھن جي خوشحالي  سان ڪن ته کين  هو بهو معلوم ٿي ويندو ته  پاڻ ڪيترو نه خود فريبي ۽ دوکي جو شڪار  ٿيل آھن جن پنهنجي خسيس   ذاتي مفاد   لالچ  جي ڪري نه صرف    وطن جي ماڻهن جي  مجموئي  خوشحالي داءَ تي لڳائي ڇڏي آھي پر خود پنهنجي به تباهي ڪري رهيو آھي  ۔ تنهنڪري اڃ جي صورتحال جي تقاضا آھي سماج جي بهتري لاءِ  سنڌي نوجوان ڪم ڪري ۔ نوجوان  ساٿيو اهيو به ضروري نه آھي ته توهان بظاهر ڪنهن  سياسي پارٽي جا ڪارڪن  نه آھيو  ته ڪجهھ به نٿا ڪري  سگهو .  ها توهان سڀ ڪجهھ ڪري سگهو ٿا    مثبت تبديلي  ۾  توهان پنهنجو وڏو ڪردار   ادا ڪري سگهو ٿا ۔ توهان  پنهنجي ڌنڌي ۾ ايماندار جي صورت  ۾ توهان  سرڪاري  نوڪري جي فرض جي ادائيگي جي صورت ۾ جيڪڏهن استاد آھيو  ته شاگردن جي ذھنن کي تبديل ڪرڻ جي صورت ۾  . بدمعاش ۽ ڪرپٽ سياستدان  ۽ آفيسر  سان  نفرت جي صورت ۾ توهان روشن خيال  ۽ ترقي پسند  توڙي  جمهوريت پسند قوتن  جي  سنڌ  اشوز  کي اٿارڻ جي  حمايت  جي صورت ۾ ۽ اليڪشن ۾ وڏيرن جاگيردارن سردارن جي خلاف   ووٽ ڏيئڻ جي صورت ۾ .

 نوجوان معاشرتي تبديلي جا ضامن هوندا آھن  سماج  ۾ گڏيل مقصدن جي حاصلات لاءِ   قرباني ڏيڻ ھر هڪ جي وس جي ڳالهھ ناهي ۔ توهان جو گڏيل نظرياتي نعرو ڏاڍن جي محلن ۾ ڏار وجهي ڇڏي ٿو بس رڳو پنهنجي خود اعتمادي سان هڪ آواز  بڻجي  وکريل ۽ ڇڙوڇڙ ٿيل شعوري طاقت کي هڪ منظم بااصول ڌارا ۾ شامل ڪري نڪري ميدان ڪيو ته يقين ڪيو ٿوري وقت ۾ ڪاميابي توهان جا پير چمندي ۔ جيڪڏهن  نوجوان  سنڌ جي موقعي پرست  ۽  غدار  وڏيري ۽ جاگيردار وٽ ڪنهن به مصلحت پسندي  خوف ڊپ مفاد لالچ  ۽  شخصيت جي سحر جو شڪار  رهندو  ۽  پنهنجي ذھن کي تبديل نه ڪندو ته سنڌ جي ايندڙ نسل ۽ مستقبل وٽ خود به غدارن جي لسٽ ۾ هوندو ۔ تنهنڪري  سنڌ ڌرتي  جي هن وقت اها  توهان کان  سياسي سجاڳي ۽  وطن جي  محبت لاءِ  گهر آھي ته  صدين  کان   زنگيل جاگيرداري  قبيلائي ۽ ڀوتارڪي نظام جو جمود آھي  جنهن کي  پنهنجي نفرت جي طاقت سان ٻاهر ڦٽو ڪجي . جڏهن تبديلي جو  ثمر توهان کائيندو ته موجوده توهان جا خسيس مفاد جيڪي جدجهد ڪرڻ لاءِ  توهان جي اڳيان رڪاوٽ آھن اهي  توهان کي خسيس لڳندا  ۽ تبديلي ۾ ڪاميابي  جو شرط اهيو  آھي ته توهان هڪ پورهيت نظريئي ۽ اجتمائي ڀلائي جي سوچ  ھيٺ پنهنجون سرگرميون ۽ جدوجهد  جاري رکو،  ڀلي رستا طريقا الڳ الڳ هجن پر اليڪشن ۾ هڪ ايجنڊا ڀوتار نامنظور تحت  ووٽ غريب ۽ پورهيت کي ڏيڻ ئي مقصد هجي ۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.