جي ايم لاڙڪ – ادبي باغيچي جو خوبصورت گُل

زاهدعلي ڀٽو

اسانجي سماجي ڍانچي جي جوڙجڪ اهڙي ٺهيل آهي ،اهڙا رويا چڙهي چوٽ ٿيل آهن جواشراف ،عزت واري کي ڪمزور تصور ڪيو وڃي ٿو۔حساس انسان کي ايئن ڏٺو ۽ وهنوار ڪيو ويندو آھي جو ڄڻ هو ڪو ڌاري دنيا جي مخلوق هجي. اهڙي نامناسب سماجي جوڙجڪ ۽ روين جيڪري  هتي حساس ۽ اشراف ماڻهو وڌيڪ ڀوڳي ٿو۔.عام ماڻهو جي نسبت حساس ماڻهو کي ڏُک تڪليفون وڌيڪ اينديون آهن۔

اھڙي طرح اسانجو حساس دوست غلام مجتبٰي لاڙڪ جنهن کي علم ،ادب سان واسطو رکندڙ سندس ادبي نالي جي ايم لاڙڪ جي نالي سان سڃاڻن ۽ سڏين ٿا۔جي ايم لاڙڪ ڪيترن سالن کان ٿيليسيميا جهڙي موذي مرض سان زندگي جي جنگ کٽڻ لاءِ  مهاڏواٽڪائي رهيوآهي .

اهڙي صورتحال هوندي کيس پاڻ کان وڌيڪ سندس صغير پٽ عادل جي ڳڻتي جو ڳاراڻو هوندو آهي ، ڇوته عادل به ساڳي ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا آهي ۔ٻِنهي پيءَ پُٽن کي هر مهيني جيئدان طور رت جي ضرورت پوندي آهي۔اها جي ايم جي همت ۽ حوصلي کي شاباس آهي ته هو ايڏين تڪليفن باوجود نجي زندگي ڪيئن پيو گذاري ۽ سنڌي ادب جي جهول ۾ نثري نظمن جي صورت ۾ شاهڪار تخليقون سرجي سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي۔سندس نثري نظم ڪڏهن ڪڏهن ڇِرڪائي وجهندا آهن جنهن ۾ محبوب جي ماڻن ، رُس رُسامن واري پيار جي پَچار کانسواءِ سندس دردن جو داستان به ڏاڍو آرٽسٽڪ  انداز سان بيان ٿيل هوندو آهي.

تازو ڏيڍ مهينو اڳ سندس والد محترم جي لاڏاڻي بعد مٿس والد  جي شفقت ،ساٿ واري ڇپرڇانوء به ختم ٿي وئي آهي۔

ان باوجود پنهنجا درد لڪائي زماني سان هلڻ، زندگي گذارڻ جو ڏانءَ اسانجي يار جي ايم کان ڪو سکي !جي ايم اسان دوستن لاءِ  اتساھ جي علامت آهي۔سندس همت حوصلي کان مون سميت ڪيترائي دوست متاثر آهن۔هو متان اندران وکريل هُجي پر ٻاهران جبل جيڏا مظبوط حوصلا رکي ٿو۔ايئن جيئن سجاول واسي ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه جسماني طور بيمار آهي پر سندس همت حوصلا هيڻا ناهن ٿيا ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه به همت حوصلي جو اهڃاڻ آهي ته جي ايم لاڙڪ به اتساھ جي علامت بڻيل آهي۔ هُو، اِهو هُنر بخوبي ڄاڻي ٿو ته ڀل رستن تي رڪاوٽون هجن،ڪنڊا وڇايل هجن ،پر منزل تي پُهچڻ لاءِ  پنڌ جاري رکبو پير پوئتي هرگز نه ڪبا ! جيڪا ڳالهھ سندس اٽل ارادن جي ساکِي آھي.اڪثر طور ٻڌڻ ۽ پڙھڻ ۾ ايندو آهي ته جذباتي ماڻهو طبيعت ۾  تِکو ته ضرور هوندو آھي پر مَن جو ميرو ناهي هوندو ڇو ته سندس مَن کِيرجهڙو اُجرو هوندو آھي .!بالڪل ان چوڻيءَ موجب اسانجي ادبي سٿ جو سينئرساٿي پيارو دوست غلام مجتبٰي لاڙڪ پورو اچي ٿو۔جنهن کي سڄي سنڌ ادبيءَ حوالي سان ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين،آمري کان اوٻاوڙي تائين ادبيءَ پورهئي ۽ سرگرمين سبب جي ايم لاڙڪ طور سڃاڻي ٿي۔ 

تازو عالمي وبا ڪورونا وقت لاڪڊائون ۾ جڏهن سڄي دنيا پاڻ مرادو قيد هئي انوقت هن دوست ادبي  حوالي سان  آن لائين سرگرميون شروع ڪيون۔ جن ۾  ناليوارين مختلف ادبي شخصيتن جا انٽرويوز ،مختلف ادبي سِکيا جا سيشنز ،مشاعرا شروع ڪري ڪورونا جي قيد کان ذهني طور ڇوٽڪارو ڏياريو۔۽ ذهن جون بند دريون کولي تازگي ۽ فرحت بخشي .!جنهن جو کيس ڪريڊٽ نه ڏيڻ ساڻس ناانصافي ٿيندي۔ ناليواري ترقي پسند اديب،شاعر سائين اياز لطيف دايو چواڻي ”ٿيليسيميا سميت ٻين سماجي تڪليفن سبب جي ايم لاڙڪ کي پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي امتحان ڏيئڻا پيا آھن ۽ هر امتحان ۾ پنهنجي همت حوصلي  سان  ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿيو آھي .سنڌ جي نالي واري شاعرن سائين جميل سومرو ،سائين اياز گل به کيس ايندڙ تڪليفن باوجود ميدان ڇڏي ڀڄڻ بدران  مڙس ٿي منهن ڏيڻ ۽ زندگي سان محبوب وانگر نڀائڻ تي ساراهيو آهي۔

جي ايم لاڙڪ ادبي باغيچي جو اهو خوبصورت گُل آھي جنهن تي علم،ادب جا  ڪيئي پوپٽ ۽ ڀنورا ڀيرا ڏين ٿا.ساڻس پيار ڪن ٿا.جي ايم لاڙڪ جي اها ادا اسان دوستن کي ڏاڍو متاثر ڪندي آهي ۽ حوصلو ڏيندي آهي جو هو سماج جي سِتم ظريفين جو شڪار رهڻ باوجود  مُک تي مايوسيءَ بدران سدائين مُرڪ سجائي هلندو آھي،پر ڪڏهن ڪڏهن سندس لهجي مان سماج جي ستم ظريفين جو اثر سمنڊ جي  ڇوليون جيان ڇُلڪندي نظر ايندو آھي۔پنهنجي هم خيال حلقي جي موجودگيءَ ۾ سندس ڀوڳ چرچا ڏسڻ وٽان هوندا آھن ۽ ٽهڪڙن جي گونج فضائن۾ گونجندي رهندي آھي ۔

جيئن هر تخليقڪار کي پنهنجي تخليقي پورهئي ۽ لکيل لفظ لفظ سان پيار هوندو آھي ۔تيئن هن دلبر جو سندس نثري نظمن جوتخليقي سرمايو سهيڙجي ”دل جي وال تان“ نالي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي۔سندس ڪتاب دل جي وال تان هڪ نظم پڙھندڙن سان ونڊ ڪجي ٿو۔

نظم

اسان مزدورن جو..

پگهر سڪي ئي نه ٿو

مرض مڪي ئي نه ٿو  

جي ايم لاڙڪ جي نظمن ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جو درد به شامل آھي ته سرتي جي سونهن ۽سِڪ به شامل آھي  جيئن هن نظم ۾ سرتي سان سِڪ جو اظهار ڪري ٿو

نظم

ھُوء زندگيءَ جا 

سڀ رنگ ڄاڻيندي آ

سواءِ محبت جي

جي ايم جي تازو ڇپيل ڪتاب ”دل جي وال تان“ جي مهورت جي پروقارتقريب 7 مئي ڇنڇر ڏينهن اينگرو ٽي چوڪ ويجهو ڪيفي سنگت دبئي مارڪيٽ جي ڇت تي کليل فضا ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏهرڪي جي ميزباني۽ نامياري شاعر اياز گل جي صدارت  هيٺ ٿي گذري جنهن ۾ سنڌي ادب جو وڏو نانءُ  سائين ادل سومرو، ليکڪه ،شاعره ڊاڪٽر بختاور ڄام ،نقاد ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ،ڊاڪٽر منظور اُڄڻ، ساجدسومرو،شاعر سجاد مهر،شاعر،آرٽسٽ وزيرفرهاد سولنگي ،ليکڪ عديل مهر،مفتون ڪورائي ،فدا ملڪ،محمددين راڄڙي ،جنيد پتافي،زاهد علي ڀٽو،ملزم سومرو،زاهد علي ڀنگر مسافر پتافي عرفان لنڊ ،گل لنڊ،راج گبول ۽ ٻين  ناليوارين علمي ،ادبي ،شخصيتن شرڪت ڪئي. جي ايم لاڙڪ جي شخصيت،سندس ڪتاب ۽ سندس شاعري تي ڳالهايو کيس ڀيٽا ڏني۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.