پاڻي جي کوٽ ۽ لاتعلق سياسي قيادت

ملڪ ۾ هن وقت به پاڻي جي کوٽ موجود آهي.جنهن جو گهڻو اثر سنڌ تي پئجي رهيو آهي. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ملڪ ۾ گرمي جي شدت سان جبلن تان برف رجڻ شروع ٿي وئي آهي جنهن سان پاڻي جي ذخيرن ۾ بهتري اچي رهي آهي. سنڌ هن وڏي آبي سرشتي جي پڇڙ ۾ واقع هئڻ جي ڪري ڪڏهن سوڪهڙي  جو شڪار ٿي ٿئي ته ڪڏهن وري ٻوڏن هيٺ اچي ٿي وڃي. انڊس رور سسٽم اٿارٽي جي تازن انگن اکرن موجب گذريل هڪ هفتي دوران پاڻي جي آمد ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.تربيلا ڊيم، جيڪو ملڪ ۾ پاڻي جو سڀ کان وڏو ذخيرو آهي، ۾ پاڻي جي سطح 22 فيبروري تي 1392 فوٽ هئي، جيڪا 7 مئي تائين 16 فوٽ وڌي 1408 فوٽ ٿي وئي، جڏهن ته نيڪال 400 ڪيوسڪ ۽ اخراج 51 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ۾ به بهتري آئي آهي، 7 مئي تي 1081 فوٽ سطح رڪارڊ ڪئي وئي هئي جيڪا هڪ هفتو اڳ 1074 فوٽ هئي، ٽي هفتا اڳ تربيلا ڊيم ۾ به پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول 1050 فوٽ تائين پهچي وئي هئي. هفتي جي آخر ۾ تربيلا مان پاڻي جي آمد 30 هزار 890 ڪيوسڪ ۽ نڪرندڙ 33 هزار 315 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.چناب ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 30 اپريل تي 13 هزار 174 ڪيوسڪ کان وڌي 21 هزار 57 ڪيوسڪ ٿي وئي.

مارچ جي وچ ۾ اونهاري جي شروعات ٿيڻ جي باوجود، جبلن تي برف دير سان پگھرڻ شروع ٿي هئي،جنهنڪري پاڻي جي فراهمي گهٽجي وئي هئي، جيڪو پنجن سالن جي ۾ سراسري کان گهڻو گهٽ هئي.

خريف سيزن جي شروعات 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ سان ٿي (سنڌو درياهه 30 سيڪڙو ۽ جلم 10 سيڪڙو) جڏهن ته موجوده خريف سيزن ۾ پاڻي جي کوٽ اپريل جي آخر تائين وڌي 52 سيڪڙو ٿي وئي.

منگلا ڊيم جي صورتحال وڌيڪ خراب آهي ڇو ته ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو برساتن تي دارومدار رکي ٿو. ۽ مارچ کان اپريل تائين برسات نه پئي هئي.ملڪ جي جبل وارن علائقن ۾ برفباري ۾ به نمايان گهٽتائي ٿي آهي. هن سال برفباري صرف 37 انچ رڪارڊ ڪئي وئي.پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۽ بلوچستان سخت متاثر ٿيا آهن، هارين مظاهري ڪري ڌرڻا هڻي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب خريف جي فصل پوکڻ جي تياري متاثر ٿي رهي آهي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن يعني مان فراهمي نه هئڻ برابر آهي. آبپاشي جي لاڳاپيل عملدارن جوچوڻ آهي ته  کوٽ سبب سکر ۽ گڊو بئراج جي ڪيترن ئي ڪئنالز ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي جنهنڪري سنڌ ۾خريف جي فصلن کي سخت نقصان رسڻ جو خطرو آهي.

عيد جي ختم ٿيڻ سان ئي سموري سنڌ خاص ڪري لاڙ  جي مختلف شهرن ۾ هارين زميندارن ۽ آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو هو پر هن وقت سموري سنڌ م پاڻي جي کوٽ جون شڪايتون اچي رهيون آهن متاثرن جو چوڻ هو ته هن کوٽ واري ڪيفيت ۾ سڀني کان وڌيڪ متاثر پڇڙي جو عوام ٿئي ٿو، جتي جتي هن وقت انسان سان گڏ جانورتوڙي پکي پکڻ  به پيئڻ جي پاڻي لاءَ تڙپي رهيو  آهي.

سنڌ پاڻي واري جڙيل نظام ۾ اهڙي هنڌ واقع آهي جيڪو انڊس رور سسٽم جو پوڇڙ آهي جنهنڪري جڏهن مٿي گهٽ پاڻي هوندو آهي ته اهو مٿان ئي روڪي وٺبو آهي وري جڏهن پاڻي گهڻو هوندو آهي ته ان کي گهڻو وهائي ڇڏبو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪڏهن صفا پاڻي جي لاءِ پريشان رهي ٿي ته وري ڪڏهن ٻوڏن جي ڪري به نقصان سهي ٿي.

پاڻي جياپي جو واحد ذريعو آهي،سنڌ ۾ هن ڪجهه ورهين کان موسم جي ڦيري ۽گرمين جي شدت وڌڻ سبب باراني علائقن ۾ ته پاڻي جي سطح گهڻو هيٺ لهي وڃي ٿي جنهن ڪري ٿر ۽ ڪاڇي سميت ايرڊ زون ۾ ايندڙ علائقن جو ماڻهون پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ به پريشان ٿي ويندو آهي.

هن وقت جڏهن سموري سنڌ ۾م پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي ته ان تي عوام جو احتجاج جاري آهي.سنڌ سرڪار به وفاق تي دٻاءِ وڌائي رهي آهي پر هن وقت ان جو ڪو ترت حل نه نڪتو آهي. چيو ٿو وڃي ته جلد ئي مٿان کان پاڻي اچڻ سان سنڌ ۾ به پاڻي پهچي ويندو. عام ماڻهو هاڻي قدرت جي ان نظام جو ئي آسرو ڪري رهيو آهي.

پاڻي جي نه هئڻ ڪري  زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هزارين ايڪڙن تي  پوکيل فصل سوڪهڙي جوشڪار ٿي رهيو آهي .سنڌ مڪمل زرعي صوبو آهي، جتي پاڻي نه هئڻ جي ڪري گهڻا ئي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. عام ماڻهن جي مجموعي زندگي جو دارومدار پاڻي تي آهي،پاڻي بنا وقت گذارڻ گهڻو ڏکيو ٿي رهيو آهي.

موسميات کاتي ايندڙ هفتي سڄي ملڪ م گرمي جي لهر جو الرٽ به جاري ڪري ڇڏيو آهي،ان دوران به سهولتن کان محروم علائقي جي ماڻهن جي لاءِ پاڻي ئي اهڙو آسرو هوندو آهي، جنهن سان هو گرمين کي هڪ حد تائين منهن ڏئي سگهندا آهن.اختياريون به گرمي جي شدت دوران پاڻي واپرائڻ جو ڏس ڏين ٿيون، سو اهڙي آزار۾ پاڻي نه هئڻ سان وڌيڪ نقصان ٿين جو خدشو رهي ٿو.جنهن جو سنڌ جي عام زندگي تي انتهائي منفي اثر پوندو.

سنڌ ۾ ڪو به اهڙو انتظام پڻ نه ٿيل آهي جو وڏن ۽ اهم شهرن کي به پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري سگهجي، جڏهن به گرمي جي موسم شروع ٿيندي آهي ته ڪراچي توڙي حيدرآباد،سکر،لاڙڪاڻي،دادو ايتري قدر جو سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد شهرن ۾ پڻ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ ان مسئلي کي ڪڏهن به سنجيدگي سان ڪنهن به حل ڪرڻ بابت نه ويچاريو آهي.

سنڌ سرڪار جي نمائندن کي گهرجي ته اهي سڌي ريت عام ماڻهن سان رابطي ۾ اچي اهو سمجهائين ته پاڻي جي صورتحال ڇا آهي ۽ هاڻوڪي کوٽ ڪڏهن ختم ٿيندي، ليڊرشپ يا قيادت جي اها زميداري ٿئي ٿي ته عوام جي رهنمائي به ڪري ته ان جي ڏکن سکن ۾ به شامل ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.