عطاءُ الرحمان، تعليمي شعبي جو فرح گوگي بڻجي ويو

فاروق طارق

عطاءُ الرحمان جهڙو نااهل سائنسدان پاڪستان جي قسمت ۾ اٽڪيو پيو آهي. هر حڪومت دوران هو اهڙيون رٿون  تجويز ڪندو آهي جيڪي عملي طور تي ڪڏهن به ڪارآمد ثابت نه ٿيون آهن پر انهن رٿائن  ذريعي ڊاڪٽر صاحب حڪمرانن کي پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جو خواب ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي ٿو.

پاڪستان ۾ سائنس جي شعبي جو جنهن سڀني کان وڌيڪ ٻيڙو ٻوڙيو آهي سو اهو عطا الرحمان ئي آهي. جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت اعليٰ تعليم ۽ سائنس جي ترقيءَ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي آهي ته ان جو وڏوسبب به عمران خان حڪومت دوران، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جو چيئرمين (ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان) آهي. هن عمران خان کي اهڙو سبق سيکاريو جنهن مان هن سياسي طور فائدو وٺڻ جو سوچيو هجي پر حقيقت ۾ هو ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهيو.

پڙهندڙن کي خبر هوندي ته وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ۽ ان کانپوءِ  ان بابت پيش آيل  واقعن جو جائزو وٺجي ته  معلوم ٿي ويندو ته ڪيئين سائنسي ڀڙڪ بازي سان ڪم ورتو ويو.جڏهن  ايڇ اي سي، وزيراعظم کي صلاح ڏني ته توهان هن جاءِ تي يونيورسٽي نٿا ٺاهي سگهو ڇو ته اها عمارت ان مقصد لاءِ نه آهي، اها ريڊ زون ۾ آهي، سيڪيورٽي جا مسئلا آهن، اسلام آباد جي بنيادي نقشي کي تبديل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم اها ڳالهه ٻڌڻ بدران عطاءُ الرحمان کي وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. اهو سياسي نعرو هو پر ان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ عطاءُ الرحمان ان جو نالو ”پاڪ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز“ رکيو ۽ 34.73 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن مان عمران خان 23 ارب رپيا منظور به ڪري ڇڏيا.

ٿورو سوچيو ته، مالي سال 2020-21 ۾ پاڪستان جي سمورن يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليم جي ٻين شعبن لاءِ HEC جي ڪل بجيٽ 108 ارب رپيا هئي جنهن مان 42 ارب رپيا ترقياتي خرچن لاءِ ۽ 66 ارب رپيا غير ترقياتي خرچن لاءِ رکيا ويا هئا. هتي هڪڙي يونيورسٽي لاءِ 34 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. اها به هڪ اهڙي يونيورسٽي لاءِ جيڪا ڪنهن به صورت ۾ حقيقي يونيورسٽي جي معيار تي پورو نه پئي لٿي. هاڻي عمران خان جي وڃڻ سان اهو سمورو منصوبو پٽ تي  اچي پيو.

عطاءُ الرحمان ماضي ۾ ميان نواز شريف کي به پٽي پڙهائيندو رهيو هو.ان بعد هو جنرل مشرف جي ويجهو ٿي ويو ۽ 2002ع کان 2008ع تائين ايڇ اي سي ۾ اهم عهدن تي رهيو. ان کان اڳ هن ڪيترن ئي حڪمرانن جي چمچاگيري ڪري 1998ع ۾ هلال امتياز، 1991ع ۾ ستاره امتياز ۽ 1983ع ۾ تمغه امتياز  به حاصل ڪيا. اتفاق سان انهن ٽنهي دورن ۾ نواز شريف وزيراعظم ۽ وڏو وزير رهيو. هو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته سياستدانن کي بار بار تعليم ۾ ’اعليٰ معيار‘ جو ذڪر ڪري بيوقوف بڻائي سگهجي ٿو.

اهڙو ئي هڪ ادارو هن هريپور ۾ ٺاهيو آهي. هن اهو خواب ڏيکاريو هو ته هتي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اعليٰ معيار جا پرڏيهي پروفيسر مقرر ڪيا يندا. ان جو نالو ”پاڪ-آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي“ آهي پر اتي ڪو به آسٽرين يا يورپي پروفيسر نٿو پڙهائي.هن يونيورسٽي مان اڃا تائين ڪا خاص تحقيق يا سائنسي ايجاد نه ٿي آهي.

طارق بنوري کي ايڇ ايس سي مان زبردستي ڪڍيو ويو ، ان جو هڪ سبب اهو هو ته هو حڪومتي دٻاءُ باوجود نيون يونيورسٽين جي اعلان جي توثيق ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. طارق بنوري جو چوڻ هو ته موجوده يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائي نيون يونيورسٽيون ٺاهڻ تعليم جي خدمت نه پر سياسي نعرو ٿي سگهي ٿو.  21-2020ع دوران جڏهن عملي طور سمورا اختيار عطا الرحمان وٽ آيا ته لڳ ڀڳ هر ضلعي ۾ نيون يونيورسٽي جو اعلان ڪيو ويو. موجوده يونيورسٽين جي پروفيسرن کي پگھارون ڏيڻ لاءِ پئسا نه هئا ۽ هو ان حوالي سان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري چڪا هئا پر نيون يونيورسٽين جو اعلان ڪيو پئي ويو.. هر ايم اين اي ان اعلان کي پنهنجي ڪارڪردگي سمجهيو پئي،اهي  اعلان رڳو سکڻا ئي هئا. رڳو اسٽيٽ آف دي آرٽ يونيورسٽي جي اڏاوت لاءِ 20 ارب رپيا گهربل آهن، پر ڪاليجن ۽ اسڪولن جي عمارتن ۾ يونيورسٽين ٺاهڻ جا ڪوڙا اعلان ڪيا پئي ويا.

عطاءُ الرحمان دراصل علمي حلقن جي فرح گوگي هو، جنهن عمران خان جي دور ۾ ئي 100 ارب رپين کان وڌيڪ جا منصوبا منظور ڪيا، جن جي يا ته ضرورت ئي نه هئي يا عمل جوڳا نه هئا.

اهڙو ئي هڪ منصوبو سمبڙيال ۾ 16.8 بلين رپين جي لاڳت سان هلي رهيو آهي، هن انجنيئرنگ يونيورسٽي جي تعمير لاءِ اڌ رقم مرڪز ۽ اڌ پنجاب ڏني. ”يونيورسٽي آف اپلائيڊ انجنيئرنگ اينڊ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز“جي نالي سان جڙندڙ هن  هڪ ڀيرو غير ضروري يونيورسٽي لاءِ هڪ ڀيرو ِ ٻيهر ايسٽرين ۽ چين جي انجنيئرنگ يونيورسٽين جي تعاون جو اعلان ڪيو ويوآهي.

پاڪستان ۾ هن وقت 50,000 قابل انجنيئر بيروزگار آهن. هي هڪ پريشان ڪندڙ ۽ اکيون کولڻ وارو پاسو آهي. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل نئين انجنيئرنگ يونيورسٽين بدران موجوده يونيورسٽين کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ ۽ بيروزگار انجنيئرن لاءِ روزگار اسڪيمن جو مطالبو ڪيو آهي، پر هتي عطاءُ الرحمان حڪمرانن کي آسمان تان هيٺ لهڻ جو موقعو ئي نٿو ڏئي.

لاهور جي انجنيئرنگ يونيورسٽي جا پهريان ئي فيصل آباد، گوجرانوالا، ڪالا شاهه ڪاڪو ۽ نارووال ۾ سب ڪيمپس موجود آهن. انهن جي ترقيءَ جي رٿابندي ڪئي وڃي ها پر ان بدران نئين يونيورسٽي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي نالي تي اربين روپين جو نقصان ئي عطاءُ الرحمان جو اصل ڪارنامو آهي.اهڙو ئي هڪ منصوبو گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فارين فيڪلٽي پروفيسرن کي مقرر ڪرڻ جو بڻايو ويو هو.هتي پروفيسرن کي ڪهڙو اچڻو هو،سو انهن گهر ويٺي  60,000 ڊالر ساليانو وصول ڪيا.هي اسڪينڊل پڻ اخبارن جي خوب زينت بڻيو.

عطاءُ الرحمان جي انٽليڪچوئل ليول جو حال اهو آهي جو هن 2010ع ۾ ڊان اخبار ۾ هڪ مضمون ’HAARPلکيو هو ته الاسڪا ۾ فزڪس جي هڪ تحقيقي منصوبي جي بنياد تي، آمريڪا شايد مصنوعي طور تي اها صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي ته اهو مصنوعي طور تي سڄي دنيا ۾ زلزلا آڻي سگهي . عطاءُ الرحمان ان کي پاڪستان ۾ 2010ع جي تباهي واري ٻوڏ سان ڳنڍڻ لاءِ سازشي ٿيوري به پيش ڪئي هئي.

جيتوڻيڪ عطاءُ الرحمان ڪيمسٽري ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، پر سندس سوچ ۽ پاڻيءَ سان گاڏي هلائيندڙ انجنيئر جي سوچ ۾ گهڻو فرق ناهي. فرق اهو آهي ته عطاءُ الرحمان کي رياستي پئسو ضايع ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو. هو پاڻي سان گاڏي هلائي پئسي بچائڻ جو خواب نه ڏيکاريندو آهي پئسي خرچ ڪرائڻو جو ڪم هن کي خوب اچي ٿو.ان جي به تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هي ڪرپشن ڪيتري حد تائين ٿي آهي.

جعلي سائنسدان نه رڳو پئسا ضايع ڪن ٿا پر ماڻهن کي سازشي ٿيورين سان به منجھائين ٿا. سوال اهو آهي ته ڇا عطاءُ الرحمان پنهنجي ”سائنسي“ اداري ڪومسٽڪ جي لاءِ جيڪي اربين روپين جي فنڊنگ حاصل ڪئي آهي، جنهن جي آڊٽ، ايڇ اي سي جي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪئي وئي آهي. ڇا ان جو سائنس يا ٽيڪنالوجي کي ڪو حقيقي فائدو ٿيو آهي؟هن جي ئي شهه تي عمران خان به القادر يونيورسٽي سوهاوا (جهلم) جي اڏاوت پڻ شروع ڪئي. جتي روحانيت جي تعليم ڏني وڃي ها.ان يونيورسٽي جي بورڊ ۾ عمران خان، فرح شهزادي، بشرا بي بي، بابر اعواڻ ۽ ذوالفقار زلفي جهڙا روحاني اڳواڻ شامل آهن. هن وقت ڪل 37 شاگرد آهن. هن وقت تائين عمران خان  يونيورسٽي تي هڪ ارب رپيا خرچ ڪري چڪو آهي.

ڏسڻو اهو آهي ته ڄاڙي هڻندڙ سائنسدان عطا الرحمان ڪيئن شريف خاندان کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايتري احتجاج کانپوءِ اهڙن ڪاروباري سائنسدانن مان جند ڇُٽي سگهندي جيڪي ٽيڪس ڏيندڙ جا اربين روپيا پاڻي وانگر وهائي ٿا ڇڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.