ڇا بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزير طور اميدن تي پورو لهي سگهندو؟

رياض ابڙو 

سياسي شخصيتن جي مثبت يا منفي پاسن تي ڳالهائي سگهجي ٿو، ان ڪري ته جيڪي شيون قومي مفاد ۾ مثبت هجن يا جن شين ۽ پاليسين سان ”قومي ڪاز“ کي فائدو رسي يا انهن سان ملڪ ترقي جي راھ تي گامزن رهي ته انهن شين کي پڏائجي يا جيڪي شيون قومي مفاد ۾ منفي هجن، جن سان قومن جي وقار، عزت ۽ ناموس کي ڌڪ پهچي انهن شين کي نروار ۽ وئکو ڪجي ته عالمي برادري ۾ ملڪ جي عزت برقرار رهي سگهي، يا عوام ۾ اهو شعور بيدار هجي يا ڪجي ته اهي ته اهي تخريبي سياست ۽ تعميري سياست ۾ فرق ڪن يا اهي رونشي باز نه هجن، اڳواڻن جو پيدا ٿي پوڻ وقت جي اهم ضرورت به هوندو ان ڪري ته ماڻهو جڏهن پراڻن سياستدانن مان تنگ هجن، پراڻن اڳواڻن جي بدڪردارين مان بيزار ٿين ته پوءِ ملڪي فيڪٽري ۾ نوان اڳواڻ پيدا ٿيڻ جي اشد ضرورت هوندي آ جيڪي وري ان پراڻي سياست کي نئون ڪري هلائن، جيڪي پاليسين کي سمجهي سگهن.

ان ڪري معاشي لاڙن ۽ فڪرن سان گڏ پرڏيهي قوتن جي مٽاسٽا به اهم ضرورت آ اهي قوتون ڦري سگهن ٿيون، يا ماڻهن کي ٽرڪ جي بتي جي پٺيان نه لائجي، يا پنهنجي مفاد ۾ آئين ۽ قانون جون شقون تڪراري نه ڪجن ائين نه ڪجي جنهن ۾ قانون ۽ آئين داوَ تي لڳي وڃن يا آئين ۽ قانون کي داوَ تي هڻي سياست نه ڪجي، يا ائين به ناهي ته پاڪستان ۾ رهي پيرس جا خواب ڏسجن يا لالوکيت ۾ رهي لنڊن واري زندگي جو سوچجي يا جيڪي آئين ۽ قانون سنگاپور ۾ لاڳو آهن اهي قانون هتي اسان جهڙي ملڪ ۾ لاڳو به ڪري سگهجن يا پهرين دنيا جي ملڪن جي قانون جا بحث ۽ ڳالهيون پنهنجي ملڪ سان ڀيٽي به سگهجن، اهي قانون ڀلي ماڻهن جا ٺاهيل هجن پر انهن جي پاس خاطري ۽ پاسداري اسان وٽ وڏو ڏکيو ڪم آ ۽ ٻيو ته اسان رڳو ان ڳالھه تي هنبوڇيون نه ٿا هڻي سگهون يا بغل نه ٿا وڄائي سگهون ته اسان ايشين ٽائيگر آهيون ۽ معاشي حالتن ۾ دنيا جي ٽئين درجي جي ملڪن جي برابر به نه ناهيون.

اها حقيقت به مڃون ٿا ته لائيف انڊيڪس ۾ اسان تمام گھڻا ڪريل آهيون يا ائين چئون ته اسان وٽ زندگي گذارڻ جون گهربل شيون پوري طرح مهيا ناهن، مثال رڳو بنيادي سهولتن جي ڳالھه ڪيون ته، اهي تعليمي معيار ناهن، روزگار جا وسيلا ناهن، بجلي، گيس، پاڻي ناهي ۽ وڏي ڳالھه ته سيڪيورٽي جا معاملا جتي ڪنهن جي حياتي محفوظ ناهي (طالبان، بي ايل او ٻه وڏا نه کٽندڙ بحث ۽ ڳالهيون آهن جن جون قسطون ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ستل لڳنديون ۽ رهنديون اينديون ان ڪري ته جڏهن به آمريڪي مفاد چڙيل ۽ ٿڙيل ملندا تڌهن تڏهن اهڙيون خطرناڪ قسطون ڏسڻ ۾ اينديون، ان ڪري ڪراچي يونيورسٽيءَ واري ڌماڪي ۾ رڳو چيني مفاد داوَ تي هيو ۽ ان جي پويان طاقتور پرڏيهي هٿ، پوءِ بهانو ڪهڙو به).

هاڻي بلاول جي ڳالھه ٿا ڪيون جيڪو پنهنجي عمر کان وڌيڪ وڏو ۽ پختو سياستدان آ، جيڪو زبردست سياست ڪري ڄاڻي، ان ڪري ته ان جي تربيت جنهن جهوليءَ ۾ ٿي آ ان سياسي درسگاھ جو ڪو مٽُ ناهي، يا هتي شخصي نفي ڪنهن ڪم جي ناهي، يا ماڻهن جي هروڀرو تنگ نظري يا تعصب پرستي جو داد نه ڏجي، هتي رڳو سوشل ميڊيا وانگي هڪ ڳالھه کي وٺي واويلا نه ٿي ڪري سگهجي ته ”کانپين ٽانگين هين يا نهين“ پر سياسي بصيرت کي زيرِ بحث آڻجي، سياسي بصيرت جو داد ڏجي يا اها ڳالھه به ڪم جي ناهي ته ڪنهن کي ”خاتم النبيّن“ چوڻ اچي ٿو يا نه، يا ”رحونيات“ يا ”روحنيات“ ڇو نه ٿو چئي سگهي، پر سياسي دورانديشي ۽ سياسي علم هجڻ ضروري آ يا قول ۽ فعل جا تضاد ڏسجن، سياسي، سماجي، مذهبي گڻن وراين شخصيتن جي ڳالھه ڪجي يا رڳو سياسي شخصيتن کي نشانو نه بڻائجي، پر اهو مڃجي ته خطي جي ضرورت مطابق سياست اڻٽر آ، جنهن کي ٽاري نه ٿو سگهجي يا جي ان کي ٽاريندئو ته توهان جي مٿان ٻيا ڪي ڌاريا اچي حڪومت ڪندا، پوءِ ٻين ماڻهن کان بهتر آ ته پنهنجن ماڻهن کي موقعو ڏيو جيڪي اچي سياست ڪن ۽ اهي ئي ووٽ جا اصل حقدار هجن، يا بلاول جي شبيهھ يا بهترين ”اوريٽر“ هجڻ کان به انڪار نه ڪجي، ڇو ته ان ماڻهوءَ جي سياسي ٽريننگ وڏي ڳالھه آ، هن ناناڻي خاندان جي سياسي قرباني وڏي ڳالھه آ، ان ڪري ان جي فارين منسٽريءَ واري نوڪري جي آجيان ڪجي ۽ اهو به آهي ته هن جون پنهنجون پاليسيون هن جي نڪور سياست کي تارينديون به ۽ ٻوڙينديون به.

۽ مڃون ٿا ته پرڏيهي وزير جي لاءِ اهو به وڏو چيلنج هوندو ته هو ڀارت سان به اهي رويا رکي جنهن ۾ ڪشمير جو تڪرار حل ٿي وڃي”ايل او سي“ جا ٽينشن ختم ٿي وڃن، ان ڪري اسان جهڙو ملڪ پرڏيهي پاليسين جي پريشر برداشت ڪرڻ جهڙو ناهي، يا آمريڪي مداخلت هجي يا سازش، حڪومتون ڪيرائڻيون هجن يا ٺاهڻيون هجن افغانستان واري معاملي جي ڳالھه هجي جو ان ۾ مذهبي پاسو (پهلو) پاسي تي رکي ملڪي مفاد ۾ ڪم ڪجي جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي، يا هن ڀيري ”او آءِ سي“ ملڪن جي سربراهي (جيڪا هڪ سال جي لاءِ غلطي سان پاڪستان جي حصي ۾ آئي آ) کي ڪيئن کڻي هلجي، يا سعودي سان ناتا سهڻي طريقي سان هلائڻا هجن، چين ۽ روس جي پاليسين جي پاس خاطري ڪرڻي هجي آمريڪي سازشن ۽ مداخلتن سان سينو ڪيئن ساهجي.

ڏسجي ته هن ڀيري هي 33 سالن جو گھٽ عمر وارو پرڏيهي وزير ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندو، ان ڪري ته اسان کڻي سنڌيت جي ازلي محبت جي عينڪ پائي هن شخص جي مشابهت سندس ناني سان به ڪيون پر ڪم ۽ ڪارڪردگي کپي.

سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر ڀٽي صاحب کانپوءِ بلاول ئي آهي جيڪو انهن جي خاندان مان ئي پرڏيهي وزير بڻيو آ، ان ڪري ايوان تڏهن جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي اٿيو جڏهن بلاول حلف کنئيو، ان نعرن جي جوش ۾ صنم ڀٽو ۽ بي بي جون ڌيئرون به شامل هيون، اسان به ان ڳالھه جا حامي آهيون ته ڀلي بلاول سڀاڻي ڪا وڏي ڳالھه ٿئي يا پي پي جا لانگ مارچ ۽ حرفتي سياست رنگ لائن يا گلگت بلتستان واري سياسي مهم ۾ بلاول پاڻ لهي پيو هيو ۽ ملهائي ويو يا جڏهن آصفا کي ملتان جي سياسي مهم ۾ لاهي بي بي جو ڏيک ڏنو هيئين تڏهن به هنن ننڍڙن سياستدانن جي بلي بلي هئي پر ڳالھه رڳو مشابهتن يا ٽيلنٽ تي اچي نه ٿي بيهي پر ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته بلاول جي ايترو ڦڙت ۽ سياسي چالاڪ آهي ته هي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي کي آڱر کڻڻ کان بچائي، هي پ پ کي ڪرپشن جي الزامن کان بچائي، هي سنڌي ماڻهن کي حڪمراني جي اهڙي طرز ڏئي جنهن ۾ ٻيا صوبا ان ڳالھه جي ريس ڪن ته هاڻي سنڌ حڪومت زبردست ڪم ٿي ڪري ڇو ته 14 سال مسلسل حڪومتن ۾ رهڻ وڏي ڳالھه آ يا حڪومتن جا پنج دور رڳو پي پي جي حصي ۾ آيا هجن، ان ڪري ضرورت آ ته ڪارڪردگي به اوتري بهترين هجڻ کپي.

ان ڪري بلاول کي کپي ته هو صوبائي ڪرپشن مان جان ڇڏائي، صاف سٿرا ايماندار وزير کڻي اچي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته صوبي اندر پرائيس ڪنٽرول جي ڳالھه ممڪن ڪري ڏيکاري، روزگار ۽ صحت جي معاملن کي ڏسي، تعليم جي ريشي ۾ خاص ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ تعيلم ۽ حاضريون ممڪن ڪري ڏيکاري، ان ڪري ته جيترا چيلينجز وفاقي سرڪار لاءِ آهن اوترا مسئلا صوبائي حڪومتن کي به درپيش آهن.

شين جو هر صورت قومي مفاد ۾ هجڻ ضروري آ، اندروني يا ٻاهرين دٻاءُ کان علاوه يا سياسي نيپوٽزم کي پاسي تي رکي اسان رڳو اهو ٿا چئون ته عام ماڻهن جي بهتري ان ڳالھه ۾ آ ته ماڻهن کي روزگار، صحت ۽ انهن جي اجهي، لٽي ۽ اٽي جو بندوبست ممڪن ڪيو وڃي ته پوءِ عوام ان ڳالھه ۾ به خوش آ ته پيءُ پٽ حڪمران هجن ته ڀلي هجن، مڃون ٿا پرڏيهي وزارت وڏي اهميت واري آهي ان ڪري به آهي ته ان جون گهرجون پوريون ڪرڻ يا ٻاهرين دٻاءُ گھٽائڻ به وڏي سياست آ، ان ڪري بلاول مان اها اميد ضرور آهي ته هي اڳوڻي پرڏيهي وزير وانگي ڪشمير جا ڪوڙا نقشا ڏيکاري ماڻهن کي بيوقوف نه ڪندو، هي پنهنجي سياسي ورثي جي بنياد تي ٻاهرين ملڪن سان چڱا ناتا نڀائيندو ۽ گڏوگڏ پارٽي جي ڪارڪردگي يا صوبائي سرڪار کي به ڪرپشن جي الزامن مان آجو ڪندو، ۽ ماڻهن جي اميدن تي پورو لهندو جو ان جي ڊي اين اي ۾ بي بي جو خون شامل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.