مڪاني چونڊ شيڊيول خلاف درخواستن تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ۾ مڪاني کاتي جي چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف سميت ٻين جي داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت 13مئي تي اليڪشن ڪميشن، سنڌ حڪومت، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو آهي، عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن حليم عادل شيخ ۽ علي پلهه سميت ٻين جو چوڻ هو ته لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس تي جواب ڏيڻ جي لاءِ مهلت ڏني وڃي، تحريڪ انصاف جي وڪيل علي پلهه چيو ته اليڪشن ڪميشن جو 13 اپريل تي نوٽيفڪشن غيرقانوني آهي، سپريم ڪورٽ صوبائي حڪومت کي مڪاني کاتي جي ادارن کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو .لاهور هاءِڪورٽ مڪاني کاتي جي اليڪشن جي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪيو آهي، جڏهن ته حليم عادل شيخ چيو ته مڪاني کاتي جي چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ توهين عدالت آهي.سنڌ حڪومت عدالتن کي مامو بڻائي رهي آهي،اسان عدالتن سان رجوع ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.