سنڌ هاءِ ڪورٽ گئس فيلڊن جي ويجهن ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گئس فيلڊ جي ويجهو رهندڙ ڳوٺاڻن کي گئس نه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .جنهن دوران عدالت ڳوٺاڻن کي گئس ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ گئس ڏيڻ کان پوءِ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي .ايس ايس جي سي جي وڪيل عاصم اقبال چيو ته اسان جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي .عدالت حڪم جي باوجود دير سان جواب جمع ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي رمارڪس ۾ چيو اسان اوهان کي وڌيڪ مهلت نه ڏينداسين .ڪيس جو آرڊ پاس ڪنداسين .جسٽس ڪي ڪي آغا ايس ايس جي سي جي وڪيل عاصم اقبال کي چيو ته اوهان جيڪو جواب جمع ڪرايو آهي ان ۾ جيڪا استدعا ڪئي آهي اها پڙهو ، ڳوٺاڻن کي گئس جي ڏيڻ جي حوالي سان ڪم ڪڏهن شروع ڪيو ويندو، ايس ايس جي سي جي وڪيل چيو ته پائپ گهريا ويا آهن ٽينڊر جاري ڪرڻو آهي مهيني اندر ڪم شروع ڪيو ويندو .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌهاءِڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي .عدالت ۾ پيٽروليم جي سيڪريٽري چيو ته گئس وٺڻ جو فيصلو ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ جو آهي .ايس ايس جي سي جي وڪيل چيو ته 17ڳوٺن کي گئس ڏيڻ جي لاءِ 660 ملين رپيا رکيا ويا آهن .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22آگسٽ تائين ملتوي ڪندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.