انتقامي ذهنيت رکندڙ عمران ملڪ تباهه ڪرڻ چاهي ٿو;مبشر لقمان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي کي هڪ مهينو مڪمل ٿيو آهي، ان دوران عمران خان آمريڪي سازش، خودمختياري ۽ آزاديءَ جو موقف کڻي ميدان تي لٿل آهي، ان بابت نامياري صحافي مبشر لقمان پنهنجي تجزئي ۾ چيو آهي ته عمران خان بيان ڪيل نعرا کڻي ان لاءِ نڪتو آهيته عوام کيس ايندڙ چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب ڪري، ان دوران عمران خان مسلسل ادارن تي حملا به ڪري رهيو آهي ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، جڏهن اسٽيبلشمينٽ چئي ٿي ته هو غير جانبدار آهن ته موٽ ۾ عمران خان چئي ٿو ته غير جانبدار ته جانور ٿيندو آهي، الله پاڪ جو ته حڪم  آهي ته بدي يا نيڪيءَ مان هڪ جي چونڊ ڪيو، عمران خان چاهي ٿو ته عوام سمورين پارٽين کي ڇڏي سندس ساٿ ڏين ۽ ادارا به سندس اشاري تي عمل ڪن، فرض ڪجي ته عمران خان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو، ٿيندو اهو ته 73  جو آئين ختم، پارلياماني نظام ختم صدارتي ناظام آڻيندو ۽ هڪ پارٽيءَ  جي حڪمراني هوندي انتقامي ذهنيت وارو عمران خان سڀني مخالف سياستدانن ۽ باغي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي جيل ۾ بند ڪندو، آمريڪا، يورپي يونين ۽ آءِ ايم ايف سان لاڳاپا ختم ڪندو، ترڪي ۽ ملائشيا ڪئمپ ۾ ويندو، ملڪ معاشي طور ڏيوالو ٿيندو پرڏيهه مان پاڪستاني  خاص طور پورهيتن کي نيڪالي ڏني ويندي نتيجي ۾ هڪ ته پرڏيهي ناڻو اچڻ بند ٿي ويندو ٻيو ته بيروزگاري  ۾ شديد اضافو ٿيندو، هاڻي فيصلو پي ٽي آءِ حامين ۽ عوام کي ڪرڻو آهي ته ڇا ڪرڻو آهي، عمران ميڊيا کي به ناڪيلي وجهڻ چاهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.