سنڌ ۾ پاڻي بحران، کوٽ باوجود پنجاب جي تونسا بيراج مان چوري

سکر (رپورٽ:اظھر علي دايو) سنڌ جي ٽنھي بئراجن تي پاڻي کوٽ 52 سيڪڙو تائين برقرار، سکر بئراج۽ گڊو بئراج جي ساڄي پاسي وار ڪئنال 10 ڏينھن گذرڻ باوجود نه کلي سگھيا. پنجاب پنھجي ھوڏ تي قائم رھندي سنڌو ندي جي سسٽم مان تونسا بئراج تان پاڻي چوري جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت جي گهر تي ارسا چشما بئراج تان 80 ھزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراھمي شروع ڪئي آهي جيڪو پاڻي 10 ڏينھن بعد سنڌ جي بئراجن تي پهچندو. سنڌ جي بئراجن تي مجموعي طور تي پاڻي جي کوٽ 52سيڪڙو تي پھچي وئي آھي.سکر بئراج تي 42سيڪڙو ڪوٽڙي بئراج تي 63سيڪڙو کوٽ پھچي وئي آھي. پاڻي جي شديد کوٽ سبب سالياني بندي بعد گڊو بئراج جا پھرين مئي تي کلڻ وارا واهه 6 ڏينھن گذرڻ باوجود بي ايس فيڊر، ڊيزرٽ پٽ فيڊر،گھوٽڪي ڪئنال، ريڻي ڪئنال، ريڻي ڪئنال پاڻي جي کوٽ سبب ناھن کلي سگھيا.جڏھن ته ساڳي طرح سکر بئراج جا بند پيل ساڄي پاسي وارا ڪئنال دادو ڪئنال، رائس ڪئنال جيڪي پڻ پھرين مئي تي کلڻا ھئا نه کلي سگھيا آھن. کيرٿر ڪئنال ۾ صرف پيئڻ لاءِ 4 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي. جڏهن ته سکر بئراج جي ڪنٽرول روم جي انچارج مولانا عبدالعزيز سومرو سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو آهي ته 10مئي تائين پاڻي جي کوٽ خراب رھندي. تازو مٿاھين علائقن ۾ جيڪي بارشون پيون آهن ان جي نتيجي ۾ 10مئي کانپوءِ صورتحال بھتر ٿيڻ جا امڪان آھن.جڏھن ته بارشن وارو پاڻي 10 هزار ڪيوسڪ 12مئي تائين سکر بئراج تي پھچندو. گڊو بئراج جو مٿاهون هيٺاهون وهڪرو 33253 ڪيوسڪ مان 34748 ڪيوسڪ، سکر بئراج جو مٿاهون وهڪرو 29595 ڪيوسڪ  ھيٽاھون10175 ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جو مٿاهون وهڪرو 5400 ڪيوسڪ مان گھٽجي 4ھزا 450ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي. پاڻي جي شديد کوٽ سبب سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن جنهن ۾ نارا ڪئنال، روهڙي، ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ، خيرپور فيڊر ويسٽ جي هن مند ۾ گھرج 35100 ڪيوسڪ بجاءِ 19845 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ سبب گھرج کان 15345 ڪيوسڪ پاڻي گھٽ ملي رهيو آهي. جڏهن ته تربيلا ڊيم جي ليول 1550 فوٽن مان گھٽجي .٫1409 فوٽن تي پهچي وئي آهي. ڊيم ۾ پاڻي جي آمد ۾ 3 ھزار ڪيوسڪ جي گھٽتائي بعد   68700 ڪيوسڪ اخراج 60ھزار ڪيوسڪ  ڪيوسڪ آهي. چشما بئراج جو مٿاهون وهڪرو89ھزار500 ڪيوسڪ هيٺاهون وهڪرو 80ھزار ڪيوسڪ، تونسا بئراج جو مٿاهون وهڪرو 626800ڪيوسڪ هيٺاهون وهڪرو 58462 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تونسا بئراج وٽان پنجاب پنهنجا واهه مظفر ڳڙهه ڪئنال ذريعي 2500 ڪيوسڪ، ڊيرا غازي خان ڪئنال ذريعي 913 ڪيوسڪ پاڻي سنڌ ۾ کوٽ جي باوجود کڻڻ شروع ڪري ڏنو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.