ڀرياسٽي ويجهو گهرو تڪرار تان جوابدار ماسات قتل ڪري ڇڏيو

ڀرياسٽي (رپورٽ:مجيد ڪيريو )  ڀرياسٽي ويجھو لاکاروڊ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ غازي خان خاصخيلي ۾ گھرو تڪرار تان ماسات سڪندر خاصخيلي اوطاق تي ويٺل پنهنجي ئي ماسات نظر محمد خاصخيلي کي گوليون هڻي  قتل ڪرڻ بعد واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو. پوسٽ مارٽم بعد  لاش واثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته فوتي جو لاش گھر پهچڻ تي روج راڙو مچي ويو. سندس وني کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. جڏهن ته ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي لاکا روڊ پوليس ايس ايڇ او عبدالرشيد چانهيو ٻڌايو ته مقتول ۽ جوابدار پاڻ ۾ سالا ڀيڻويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار سڪندر خاصخيلي پنهنجي ڀيڻوي نظر محمد خاصخيلي کي گھرو تڪرار تان گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.