مڪاني چونڊ، حساس پولنگن تي ڪئميرائون لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سھيل راجپوت سان صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ ملاقات ڪئي آهي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب ملاقات دوران صوبي ۾ مڪاني کاتي جي  چونڊن ۽ اين اي 240 ڪورنگي تي چونڊ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ چيو آهي ته اين اي 240 ڪورنگي ۾ چونڊون 16 جون تي ٿينديون جڏهن ته صوبي ۾ مڪاني کاتي جون  چونڊون ٻن مرحلن ۾ ٿينديون.صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب پھرئين مرحلي ۾ 26 جون تي سکر، لاڙڪاڻو، شھيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ ٿينديون ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ 24 جولائي تي مڪاني کاتي جون چونڊون ٿينديون، چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سھيل راجپوت چيو ته انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وينديون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون فراھم ڪيو وينديون. چيف سيڪريٽري سنڌ صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي يقين ڏياريو ته چونڊن دوران سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن کي يقيني بڻايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.