عمران فوج جو مثال سراج الدوله ۽ مير جعفر جي حوالي سان ڏئي گندي حرڪت ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پاران قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان نامناسب زبان جي استعمال تي مذمتي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پاران جلسن ۾ قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان نامناسب زبان جي استعمال جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه کي ورجائي ٿو ته پاڪ فوج قومي سلامتي جي تحفظ ۽ بقاءَ جو ضامن ادارو آهي. پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي قومي اسيمبلي ميمبر سائره بانو چيو آهي ته ڪنهن کي فوج تي الزام بازي جي اجازت نه هجڻ گهرجي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته  جيڪو به سوشل ميڊيا تي يا ڪنهن به ٻئي طريقي سان پاڪ فوج تي حملي آور ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو اهو عوام جي توهين ڪندو، دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته اسان جي حڪومت امپورٽڊ نه آهي، عمران خان امپورٽڊ آهي، عمران خان عوام جو ڪو ڏک ۽ درد ونڊيو آهي ته ان جو ذڪر ڪري،عمران خان جي وزيرن کنڊ، اٽو، دوائن ۽ ٽرانسفرز پوسٽنگ ۾ ڪمايون ڪيون آهن. هن چيو ته اسان جو نئون چونڊيل وزيراعظم 14 کان 15 مهينن جي لاءِ آيو آهي، ڪو به قدم آئين ۽ قانون موجب کڻندو، سندس ڪو به قدم ذاتي پسند ۽ ناپسند تحت نه هوندو. هن چيو ته هي ايوان آئين تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ اقتدار جي لاءِ مذهب ڪارڊ، آمريڪا مخالف، پاڪ ڀارت روايتي دشمني جا ڪارڊ استعمال ڪيا ويا. ان شخص اهي سمورا ڪارڊ استعمال ڪيا آهن. پاڪستاني سياسي تاريخ جو هي وڏو مير جعفر ۽ مير صادق آهي. پاڪ فوج ملڪي دفاع جي ضامن آهي عمران خان  قومي سلامتي جي اداري  ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. هي پاڪستان جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي، اسپيڪر راجا پرويز اشرف رولنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سلامتي جي ادارن تي ڪو به حملو ۽ انهن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ملڪي مفاد جي خلاف هوندي. هن چيو ته جيڪو به ائين ڪري ٿو ته اهو ملڪي مفاد ۾ نه آهي. هن چيو ته ملڪ جو آئين به ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏي ته فوج ۽ عدليه تي اهڙي قسم جا حملا ڪيا وڃن.

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي اهم اداري جي خلاف گذريل ڏينهن جيڪو زهر اوڳاڇيو ويو حقيقت ۾ اها پاڪستان جي خلاف سازش آهي، جيڪڏهن ان جو رستو نه روڪيو ويو ته شام ۽ ليبيا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته عمران خان فوج جيادري جو مثال سراج الدوله ۽ مير جعفر جي حوالي سان ڏنو آهي، جيڪا گندي  سالن ۾ ان مقتدر اداري پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت يا وزيراعظم سان ان طرح جو سهڪار نه ڪيو جهڙي طرح عمران خان سان ڪيو هو، اها هن جي بدقسمتي هئي ته ان جي باوجود به هن نه ڪجهه سکيو نه ڪارڪردگي نه قوم جي خدمت ڪئي، هن چيو ته عمران خان جي ان حرڪت جو نوٽيس ورتو وڃي، ، هن چيو ته جيڪڏهن اڄ توهان اقتدار ۾ ناهيو، توهان ته لاڏلا ٻار هئا، توهان کي ٻار وانگر هن اداري کير پياريو، هن چيو ته  گذريل حڪومت ۾ ملڪ جي مجموعي قرضن جي شرح ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪري ايندڙ نسلن کي پڻ گروي رکيو ويو، ڏينهن رات چور ۽ ڦورو جو راڳ آلاپي قوم کي ورهايو ويو، جيڪڏهن ان جو نوٽيس نه ورتو ويو ۽ صورتحال بي قابو ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه نه بچندو، جن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ آهي اسان ان جو نوٽيس وٺنداسين. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته  2018ع کانپوءِ پاڪستان جي مجموعي قرضن ۾ 80 کان 85 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو پر ملڪ ۾ هڪ نئين سر تائين نه رکي وئي، هن چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اهو چيو آهي ته مون اهو خط لکيو ته ڌمڪي آميز لفظ ضرور آهن پر سازش جو لفظ هن استعمال ناهي ڪيو. هن چيو ته هينري ڪسنجر ذوالفقار علي ڀٽو کي ائٽمي قوت جي حوالي سان ڇا چيو اهو رڪارڊ جو حصو آهي. هن چيو ته اسان کي اڳ ۾ به ڌمڪيون ملنديون رهيون، ڌمڪين جي تاريخ تمام گهڻي ڊگهي آهي، ان ۾ سازش جو عنصر ڪٿان نڪتو آهي. عمران خان گذريل ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ سراج الدوله ۽ مير جعفر جا نالا وٺي ادارن کي نشان بڻايو، ان کان ڪڌي حرڪت ڪا ٻي نه ٿي سگهي ٿي. هن اداري جي خلاف زهر اوڳاڇيو اها پاڪستان جي خلاف سازش آهي. جيڪڏهن ان جو رستو نه روڪيو ويو ته شام ۽ ليبيا جي صورت پيدا ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته هي ملڪ قائداعظم جي تحريڪ ۽ لکين مسلمانن جي قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته آئون بنا ڪنهن خوف ۽ ترديد اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ان مقتدار اداري اڳوڻي حڪومت جي ڀرپور سپورٽ ڪئي پر ان جي باوجود اها بري طرح ناڪام ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻي حڪومت کي اهڙي قسم جي سپورٽ حاصل ها ته ملڪ کي ترقي کي پَر لڳي وڃن ها. هن چيو ته جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي آهي ان کي آئين 7 قانون جي دائري ۾ رهندي نه روڪيو ويو ته ڀونچال اچي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن جمهوريت جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو نظام اچي ويو ته اهو خطرناڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته ان سازش جو نوٽيس نه ورتو ويو ۽ صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه نه بچندو. هن ايوان کي يقين ڏياريو ته هو خيبرپختونخواهه ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندوهن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته گيهه، کنڊ ۽ اٽو ڇو مهانگو ٿي رهيو آهي. غريب ماڻهو اهو برداشت نه ٿا ڪري سگهن. حڪومت کي دليراڻا فيصلا ڪرڻا پوندا. جن ماڻهن لوڊشيڊنگ جي حوالي سان حڪم جي انحرافي ڪئي آهي انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.