عمران نيازي مودي جي زبان ڳالهائڻ بند ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات , ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران نيازي نريندرا مودي جي زبان ڳالهائڻ بند ڪري. دشمن ملڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ عمران نيازي هڪ خطرناڪ ايجنڊي تي هلي رهيو آهي. هن جو مقصد ملڪ ۾ افراتفري، انارڪي ۽ شرانگيزي پکيڙڻ آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ڪنهن به صورت قبول نه ڪندو ته عمران نيازي ملڪ جي اهم ترين ادارن جي خلاف گندی ٻولي استعمال ڪري. پاڪستاني عوام، فوج، عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي ۽ جيڪڏهن عمران نيازي نفرت انگيزي واري ايجنڊا کان پاسو نه ڪيو ته محبت وطن عوام عمران نيازي جي ان ايجنڊا جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي .شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته عمران خان جي سياست ڪوڙ کان شروع ٿي ڪوڙ تي ئي ختم ٿئي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.