سنڌ ۽ وفاق ۾ ڪڻڪ هدف ماڻڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر) وفاق ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ ڪڻڪ جو ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير طارق بشير چيما وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ڪڻڪ جي موجود ذخيري، تازو پوکيل نئين فصل ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ خوراڪ وارو صوبائي وزير مڪيش چاولا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، صوبائي سيڪريٽري خوراڪ راجا خرم شهزاد، وزارت فوڊ سيڪيورٽي جو ڪڻڪ وارو ڪمشنر امتياز گوپانگ، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير بشير چيما کي صوبي ۾ ڀليڪار ڪيو ۽ ڪڻڪ جي ذخيرن جو معائنو ڪرڻ ۽ نئين فصل جي پيداوار لاءِ وقت سِر جاکوڙ ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيري جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ڪڻڪ جي درآمد جي مجموعي کوٽ جو اندازو لڳائي سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته صوبي جو پيداواري گهربل هدف 4.7 ايم ايم ٽيز آهي جنهن جي نتيجي ۾ 3.8 ايم ايم ٽيز آهي جنهن ۾ اَنَ به شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته 0.9 ايم ايم ٽي کوٽ کي پنجاب يا پاسڪو کان ڪڻڪ خريد ڪري پورو ڪيو ويو. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت 5500 رپيا في 100 ڪلوگرام امدادي قيمت جي ڀيٽ ۾ 1.4 ايم ايم ٽي خريداري جو هدف مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته اسان هارين کان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون ته جيئن انهن کي بهتر اگهه جو فائدو ملي سگهي. خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو آهي ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته 5 مئي 2022 تائين ڪراچي ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ اگهه 6000 رپيا، حيدرآباد ۾ 5700 رپيا، ميرپورخاص 5850 رپيا، شهيد بينظير آباد ۾ 5800 رپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ 5700 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.