مڪاني چونڊن ۾ ڀوتارن کي شڪست نصيب ٿيندي: قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ اندر هن واري بلڊياتي اليڪشن ۾ ڀوتارن کي شڪست نصيب ٿيندي. هاڻي سنڌ جي اندر شعور بيدار ٿي چڪو آهي سنڌ جو نوجوان انهن ڀوتارن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ميدان ۾ لهي رهيا آهن اها سنڌ جي سجاڳي جي نشاني آهي. سدائين تڪن کي پنهنجي ذاتي موروثيت سمجهندڙ ۽ بنا مقابلي سيٽون کٽي ايندڙ ڀوتارن کي هن ڀيري کين مقابلن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام جي خواهش مطابق سنڌ جون قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌريون پاڻ ۾ گڏيل اتحاد جوڙڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون ڪري رهيون آهن ۽ سنڌ کي هڪ مظبوط سنڌ دوست ۽ عوام دوست اتحاد جي روپ ۾ اهڙو پليٽ فارم ملندو. جيڪو سنڌ جي عوام جو حقيقي نمائيندگي ڪندڙ آواز هوندو. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته پ پ پ سنڌ جي عوام جو آواز نه پر ڪرپٽ ۽ جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي پارٽي آهي ان ڪري سنڌ کي هاڻي پ پ پ جي بدران قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌرين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.